خطاطيءَ جو نمونو
علي درويش (خطاط): درويش علي به انهن مشهور خطاطن مان آهي، جن پنهنجي خطاطيءَ جي فن جو شغل ٺٽي ۾ جاري رکيو ۽ هي ٺٽي جو پهريون خطاط هو، جنهن سڀ کان پهرين نستعليق جي خط ۾ قرآن شريف جون آيتون لکيون. سندس لکت جو تاريخ وارو حصو ڏيکاري ٿو ته، اها 1111 هه/ 1699ع ۾ لکي وئي هئي. مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي بيان مطابق درويش علي ۽ علي بيگ ٻئي خطاطيءَ جي فن ۾ ڏاڍا ماهر هئا. درويش جي اڪير جو هڪ نمونو مڪليءَ جي هڪ پٿرائين لوڙهٽ تي ملي ٿو. اهو نمونو نستعليق خط ۾ آهي، جيڪو درويش علي ۽ سندس استاد نعمت الله جو شاهڪار آهي. هتي ڏجي ٿو: