علي راز شر

علي راز شر

علي راز شر

علي راز شر: ناليوارو اديب، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار علي راز شر ولد غلام علي، پهرين جنوري 1966ع تي ڳوٺ محمد زمان شر، تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺري ميرواھہ مان 1981ع ۾، انٽر گورنمينٽ ممتاز ڪاليج خيرپور مان 1984ع ۾، بي. اي شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1986ع ۾، ايم. اي اڪنامڪس ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1988ع ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1991ع ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي، جنهن تي کيس گولڊ ميڊل پڻ مليو. علي راز شر پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1994ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور ڪئي. 1997ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي 2005ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن بعد ملير ڪينٽ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ 2005ع کان 2006ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 2006ع ۾ تعليم کاتي جي صوبائي وزير جو پي. آر. او مقرر ٿيو، جتي 2007ع تائين رهيو. جنهن بعد 2007ع کان 2008ع تائين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نان فارمل ايجوڪيشن رهيو. 2008ع کان هن وقت تائين گورنمينٽ اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هيءُ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تي 1998ع کان 2005ع تائين سنڌيءَ جو نيوز ڪاسٽر رهيو. هي پي. ٽي. وي تي هفتيوار ادبي پروگرام ‘ادبيات’ جو 2000ع کان 2002ع تائين ميزبان رهيو. هي 2008ع کان 2011ع تائين آواز ٽي ويءَ تان ادبي پروگرام ‘ڪيفي ادب پيش ڪندو رهيو. سنڌ ٽي. وي تان ادبي پروگرام ‘ڪلا کيتر’ 2013ع کان 2016ع تائين سندس ميزبانيءَ ۾ نشر ٿيندو رهيو. سندس ڪيترائي ڊراما پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس مشھور ڊرامن ۾ پي ٽي وي تان مور جا پر، ڪيمو فلاج، امام دين درزي وغيرہ قابل ذڪر آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري (تحقيق: 1994ع)، گئلريءَ مان ڪريل وجود (ڪهاڻيون: 2004ع)، تھذيب جي ارتقا (ترجمو: 2005ع)، ۽ جرنل سنڌي رهنما (سنڌي ادب: 2004ع) قابل ذڪر آهن.
کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن، جن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران گولڊ ميڊل (1991ع)، پي ٽي وي طرفان بھترين ڊراما نگار (2008ع)، ايم بي سميجو اوارڊ (2008ع)، سنڌ حڪومت پاران بھترين استاد اوارڊ (2006ع)، ماهوار پرک مئگزين طرفان بھترين ليکڪ اوارڊ (2016ع) ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ گورنمينٽ اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.


لفظ علي راز شرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.01.01  عيسوي

ناليوارو اديب، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار علي راز شر ولد غلام علي، پهرين جنوري 1966ع تي ڳوٺ محمد زمان شر، تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سحر انصاري
ڌڻي بخش مگسي
سيد محسن علي شاھہ بخاري
عباسي محمد عثمان چنيھہ
محمد حسين اعواڻ ڪروڙ پتي
حضور بخش صوفي
زاهده تاج ابڙو
عطاءُ ﷲ ابڙو پروفيسر
شفيع محمد چانڊيو
ديوان ننديرام
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون