علي رضا جو ٿلهو (امام بارگاهه )

علي رضا جو ٿلهو (امام بارگاهه )

علي رضا جو ٿلهو

علي رضا جو ٿلهو: هي قديم امام بارگاهه جيلاني محلا خيرپور ميرس ۾ موجود آهي. سيد علي رضا ولد سيد بنده علي دهليءَ کان 1837ع ۾ خيرپور ۾ اچي رهيو ته مير علي مراد خان هيءَ امام بارگاهه کيس ٺهرائي ڏني. ان کانسواءِ ٻيون سهوليتون به کيس ڏنيون ويون. سادي سودي چورس نموني جي عمارت پڪين سرن ۽ چن سان اوساري ٿيل آهي. مهاڙيءَ ۾ مستطيل لنگهه نوڪي ونگ سان ٺهيل آهي. لنگهه جي هر پاسي هڪ هڪ لنگهه نوڪي ونگن سان ٺهيل آهن. جيڪي وچين لنگهه کان ننڍا آهن. اهي لنگهه پاسن کان به هڪ ئي ماپ جا چار لنگهه ٺهيل آهن. پاسن وارين ڀتين ۾ اهڙا ئي ننڍا ننڍا هڪ ئي ماپ جا چار چار لنگهه ڏنل آهن. هن وقت ان جي مرمت ٿيل ٿي ڏسجي. امام بارگاهه هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي، جيڪو فٽ سوا جو اوچو ٿيندو. هي امام بارگاهه کنڀي جي ماتم کان مشهور آهي. اندر سيد بنده علي شاهه جو شجرو رکيل آهي. ان کان سواءِ ميرن طرفان وقت به وقت ڏنل سوکڙيون به رکيون ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو