علي رضا جو ٿلهو (امام بارگاهه )

علي رضا جو ٿلهو (امام بارگاهه )

علي رضا جو ٿلهو

علي رضا جو ٿلهو: هي قديم امام بارگاھہ جيلاني محلا خيرپور ميرس ۾ موجود آهي. سيد علي رضا ولد سيد بندہ علي دهليءَ کان 1837ع ۾ خيرپور ۾ اچي رهيو تہ مير علي مراد خان هيءَ امام بارگاھہ کيس ٺهرائي ڏني. ان کانسواءِ ٻيون سهوليتون بہ کيس ڏنيون ويون. سادي سودي چورس نموني جي عمارت پڪين سرن ۽ چن سان اوساري ٿيل آهي. مهاڙيءَ ۾ مستطيل لنگهہ نوڪي ونگ سان ٺهيل آهي. لنگهہ جي هر پاسي هڪ هڪ لنگهہ نوڪي ونگن سان ٺهيل آهن. جيڪي وچين لنگهہ کان ننڍا آهن. اهي لنگهہ پاسن کان بہ هڪ ئي ماپ جا چار لنگهہ ٺهيل آهن. پاسن وارين ڀتين ۾ اهڙا ئي ننڍا ننڍا هڪ ئي ماپ جا چار چار لنگهہ ڏنل آهن. هن وقت ان جي مرمت ٿيل ٿي ڏسجي. امام بارگاھہ هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي، جيڪو فٽ سوا جو اوچو ٿيندو. هي امام بارگاھہ کنڀي جي ماتم کان مشھور آهي. اندر سيد بندہ علي شاھہ جو شجرو رکيل آهي. ان کان سواءِ ميرن طرفان وقت بہ وقت ڏنل سوکڙيون بہ رکيون ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو