سهتو، علي رضا

سهتو، علي رضا

علي رضا سھتو

علي رضا سھتو : ناليواري صحافي ۽ قومي ڪارڪن، علي رضا سهتي، 17 فيبروري 1972ع تي باڊھہ شهر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پير نقي شاھہ پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول باڊھہ مان ۽ انٽر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سائنس ڪـاليـج ڏوڪـريءَ مان پاس ڪيائين. ان بعد سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ داخـلا ورتـائيـن، جـتـان 1994ع ۾ سائيڪالاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي ڪيائين. علي رضا ڪاليج واري زماني کان فڪر جي. ايم. سيد سان سلهاڙجي ويو ۽ هي باڊھہ جي ڀلوڙ ڪارڪنن ۾ شمار ٿيندو هو. هن باڊھہ ۾ ڪُل وقتي ڪارڪن طور ذميواريون نڀايون، پهريان لطيف سنگت جو ميمبر رهيو، بعد ۾ جسقم لاڙڪاڻي ضلعي جي پريس سيڪريٽري طور ذميواريون نڀايائين. هي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ بہ پابنديءَ سان شرڪت ڪندو هو ۽ پنهنجون لکڻيون پڙهندو هو. ان بعد جڏهن سنڌ يونيورسٽي آيو تہ جساف جي پليٽفارم تان شاگرد سياست ۾ قدم رکيائين. ان دوران شاگردن جي مسئلن جي لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪندو رهيو، جنهن ڪري شاگردن توڙي استادن ۾ مقبوليت ماڻيائين. علي رضا هڪ خودار انسان واري زندگي گذاري. هي اصولن جو نهايت ئي پابند هو. جيتوڻيڪ هي بنيادي طور غريب گهراڻي جو فرد هو. پر پوءِ بہ هن اصولن کي ڪٿي بہ نہ ٽوڙيو. ضمير جو سودو نہ ڪيو. علي رضا سنڌ يونيورسٽيءَ مان سائيڪالاجيءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ روزگار جي تلاش ڪندي 2000ع کان سنڌ اخبار ۾ سب ايڊيٽر کان پنھنجي صحافي زندگيءَ جو آغاز ڪيو ۽ جلد ئي محنت ڪري نيوز ايڊيٽر ٿيو. ڪجهہ وقت سنڌ اخبار ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ روزاني ڪاوش ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳو، جتي پڻ سندس صلاحيتن جو قدر ڪندي مانيٽرنگ ڊيسڪ جون ذميواريون ڏنيون ويون ۽ گڏوگڏ هفتيوار مئگزين جون بہ ذميواريون سنڀاليندو هو. ڪاوش جو ايڊيٽر علي قاضي سندس محنتن جو قدر ڪندو هو ۽ کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، جنهن ڪري کيس ڪي. ٽي. اين نيوز شعبي ۾ اسڪرپٽ ايڊيٽر ڪري رکيائين. هن ڪجهہ وقت لاءِ سنڌ ٽي. وي ۽ مهراڻ تي بہ ڪم ڪيو. اهڙيءَ طرح علي رضا جتي بہ رهيو، نيڪ نيتيءَ ۽ محنت سان ڪم ڪيو. علي رضا ڀلوڙ مقرر بہ هو تہ بھترين نثر نويس بہ رهيو. سندس سوين ڪالم اخبارن ۾ ڇپيا، جيڪي پنھنجي وقت جو هڪ آئينو آهن. هن ڪيترن ئي سنڌ جي اهل علم، ساڃاھہ وندن ۽ سياستدانن جا انٽرويو بہ ڪيا. هن فلسطيني تحريڪ تي طويل مضمون لکيا. علي رضا پنھنجي زندگيءَ جي مختصر عرصي ۾ ڪيترائي ڪم ڪيا. 17 جون 2012ع تي چاليهن سالن جي عمر ۾ ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ وفات ڪيائين. کيس باڊھہ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.02.17  عيسوي

ناليواري صحافي ۽ قومي ڪارڪن، علي رضا سهتي، 17 فيبروري 1972ع تي باڊهه شهر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


2012.06.17  عيسوي

علي رضا سهتي 17 جون 2012ع تي چاليهن سالن جي عمر ۾ ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ وفات ڪيائين. کيس باڊهه جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشرف جروار
حسام سومرو
علي قاضي
شيرين زئور
توفيق علي منگي
ارشد شريف
خالد کوکر
رياض حسين ميمڻ
حيات بلوچ
نور جوکيو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون