علي رضا قاضي

علي رضا قاضي

علي رضا قاضي

علي رضا قاضي: صحافي، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ استاد علي رضا قاضي 14 اپريل 1976ع تي ڳوٺ دليپوٽا ٺارو شاھہ جي ڀرسان تعلقي ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ استاد دين محمد سهتي جي گهر جنم ورتو. سندس تعلق هڪ پڙهيل لکيل خاندان سان آهي. هن شروعاتي تعليم مٺياڻيءَ مان ورتي. 1992ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر آرٽس ۽ بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهري فيروز مان پاس ڪيائين. 2000ع ۾ ساڳئي ڪاليج مان ايم. اي سنڌي ڪيائين. عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ بطور صحافيءَ سان ڪيائين. هي تعمير سنڌ، روزاني پاڪ، سنڌ ٽائمس، روزاني شام کان علاوہ روزاني هلچل ۾ ڪجهہ وقت سب ايڊيٽر رهيو. ان کانپوءِ صحافت جو پيشو ڇڏي، بحريه فائونڊيشن اسڪول نوشهري فيروز ۾ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو. 2006ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. سندس پهرين مقرري ڪراچيءَ جي ناظم آباد ڪاليج ۾ ٿي. سندس پهريون ڪتاب ‘ساهتي جو اڻ ملھہ هيرو’ 2008ع ۾ ڇپيو. 2012ع ۾ ٻيو ڪتاب ‘ٺارو شاھہ جي تاريخ’ ۽ سندس لکيل ڪهاڻين جو مجموعو ‘معذرت سان’ 2016ع ۾ شايع ٿيو. هن وقت گورنمينٽ ڪاليج ڪنڊياري ۾ ليڪچرار آهي.


لفظ علي رضا قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.04.14  عيسوي

صحافي، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ استاد علي رضا قاضي 14 اپريل 1976ع تي ڳوٺ دليپوٽا ٺارو شاهه جي ڀرسان تعلقي ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ استاد دين محمد سهتي جي گهر جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خير محمد نظاماڻي
جميل احمد ميمڻ
توفيق علي منگي
برڪاتي مسعود احمد
علاؤ الدين نيازي شيخ
غلام عباس جوش
آچر خاصخيلي
غازي صلاح الدين
سھيل سانگي
حميد نظامي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون