علي روشن شيخ

علي روشن شيخ

علي روشن شيخ

علي روشن شيخ: اداڪار، هدايتڪار، ليکڪ ۽ شاعر علي روشن جو جنم، 3 نومبر 1972ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو. هن پنهنجي فني سفر جي شروعات 1987ع کان ڪئي. سندس مشهور اسٽيج ناٽڪن ۽ ڊرامن ۾ قرباني، ڀڳت ڪنوررام، مان گهوٽ ٿيان، ڌرتي، ٽي ڪنگلا، ڪاريهر، قيدياڻي، مسافر، سنڌ منهنجي امان، وڪوڙيل وجود، هيڏي هوڏي ۽ بابو ڏاڏو بجلي، رستا، چنڊ گرهڻ، ٿر ٿوهر ۽ جهوپڙا، چوڙيون سميت ڪيترا ئي ٻيا ڊراما شامل آهن، جن ۾ هن اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. علي روشن اداڪاريءَ کان سواءِ ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا آهن. سنڌ ٽي. ويءَ جي سيريل ڄار، سزا، جاگير، آواز ٽي. وي تي ‘وڃي ٿيا ست خير’ کان سواءِ 12 سولو پلي ۽ عيد پلي وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ سندس لکيل ڊراما سيريز مٽيءَ جي مورتي، سوپ سيريل عذرا ۽ شمي (50 قسطون) قابل ذڪر آهن. علي روشن شيخ آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ڊرامن واري شعبي جو متحرڪ ميمبر ۽ اڳواڻ رهيو آهي. سندس رهنمائيءَ ۾ لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج ناٽڪ پيش ٿيندا رهن ٿا.


لفظ علي روشن شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.11.03  عيسوي

اداڪار، هدايتڪار، ليکڪ ۽ شاعر علي روشن جو جنم، 3 نومبر 1972ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو سيد محمد باقر شاهه
شيخ عزت الله ٺٽوي
ظفر الله جمالي
نذير احمد سومرو پروفيسر
آصف رزاق مھر
چغدي بيگ
شان اداڪار
علي نواز خان چاچڙ
اڪبر حيدر سومرو
الهبچايو مرڻاس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون