سيد علي جونسخ خط ۾ ڪتابت جو نمونو
علي سيد (خطاط): سيد علي، ثلث، طغريٰ ۽ نستعليق جي طرزن جي خطاطيءَ جو استاد ڪاريگر هو. هو 1097هه/ 1685ع کان 1111هه/ 1699ع تائين ٺٽي خطاطيءَ واري هنر ۾ مشغول رهيو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي بيان مطاق خطاطيءَ ۾ ڇهن طرزن جو ماهر خطاط هو ۽ اورنگزيب جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن تائين زندهه رهيو. سندس صحيح سان خطاطيءَ جو نمونو، جنهن تي 1114هه/ 03-1702ع جي تاريخ لکيل آهي، اهو ڪتبو جامع مسجد ٺٽي ۾ موجود آهي، جيڪا اورنگزيب جي زماني ۾ تعمير ٿي هئي.هـيءُ مـخـدوم الـياس جـو شاگـرد هو، جيڪـو وڏي رُتبي وارو خطاط هو. عام طور تي صحي سعيد عليءَ جي نالي سان ڪندو هو. شاهي مسجد ۾ پنهنجي صحي ۾ سعيد علي بن عبدالقدوس لکيو اٿس. سيد علي جي ڪتابت جو هڪ نمونو، جيڪو سترهين صديءَ جي آخر جو آهي، جنهن جي ڪناريءَ تي پن ول ۽ گل ول ڪڍيل آهي.