علي شيرازي : علي شيرازي، پنھنجي دؤر جو نامور عالم، فاضل ۽ شاعر هو. هن بابت سنڌ جو مؤرخ ۽ محقق علامہ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو ته، “سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ بيت، ڳجهارت طور پنھنجي استاد مخدوم نوح ڏانهن لکي موڪليو. اهو بيت پڙهي مخدوم نوح بہ جواب لکي موڪليو. مير علي شيرازي، جڏهن ٻنهي جا سوال جواب پڙهيا تڏهن ٻنهي سيد عبدالڪريم شاھہ بلڙيءَ واري ۽ مخدوم نوح جي بيتن جي متن جو نچوڙ فارسيءَ جي هڪ شعر ۾ آڻي ٻنهي کي مطمئن ڪيائين. فارسي شعر هي آهي: جان بجانان ره و گرنداز بوبستا ندا جل، خود تو منصف باش اي دل اين نڪو يا آن نڪو. (ترجمو: اي دل تون پنھنجي جان محبوب جي حوالي ڪري ڇڏ، نہ تہ موت ان کي پاڻ سان وٺي ويندو. تون خود انصاف ڪر تہ هيءَ صورت چڱي آهي يا هوءَ صورت؟)