علي شير بن مير محمد زڪريا، سيد: سنڌ تي مغلن جي حاڪميت دوران بکر ۾ مختلف عهدن تي رهندڙ سيد مير علي شير بابت سيد ظفرياب حسين پنهنجي تصنيف ‘تاريخ انوار السادات’ ۾ ڄاڻايو آهي ته “سيد علي شير مغلن جي دور حڪومت ۾ گجرات جو حاڪم ٿي رهيو.” جڏهن ته سندس بيان ۾ ڪٿي به اهو حوالو نه ڏنو ويو آهي ته مير علي شير ڪهڙي مغل حڪمران جي دور ۾ گجرات جو حاڪم رهيو. مير علي شير قانع ٺٽوي به فقط ايترو ڄاڻايو آهي ته “سيد مير علي شير، سيد مير محمد زڪريا جو ٻيو نمبر فرزند هو.” جڏهن ته وڌيڪ احوال نه ڏنو آهي.
ميان بيگ محمد ‘نامي’ جي تصنيف ‘تاريخ نوابين بکر’ مان پتو پوي ٿو ته، ‘سيد مير علي شير 04 جمادي الاول 1088هه/ 18 مارچ 1687ع تي ‘بخشي’ ۽ ‘واقعه نويس’ جهڙن عهدن تي بکر مٿان سرفراز ٿي آيو.” ساڳئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ لکيو ويو آهي ته “رجب 1103هه/ 1692ع ۾ محمد شجاعت نالي هڪ جوڌو جنگي جوان 80 سوارن ۽ ڪجهه پيادن سان گڏ روهڙيءَ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. انهن ڏينهن ۾ بختيار خان بن بختمند خان عرف مرزا خان به سير سفر جي خيال کان سکر ۾ پنهنجي حويليءَ ۾ اچي رهيو. ان دوران مير صادق علي خان بن نواب سيد مير يعقوب علي خان رضويءَ محمد شجاعت جي دعوت ڪئي. هو انهي دعوت تي آيو ۽ رات جو وٽس رهي پيو. ٻئي ڏينهن بختيار خان ۽ محمد شجاعت جي درميان ويڙهه ٿي پئي، جنهن ۾ بختيار خان جي ڪنهن ماڻهو هٿان محمد شجاعت جا چار سپاهي مارجي ويا. انهي ڳالهه تان وڏو ممڻ مچي ويو. نيٺ مير شمس الدين ديوان، مير علي شير بخشي، قاضي نقي خفيه نويس وچ ۾ پيا ۽ ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ صلح ڪرايائون.”ميان بيگ محمد ‘نامي’ جي مٿئين ٻنهي بيانن موجب مير علي شير 1098هه/ 1687ع کان 1103هه/ 1692ع تائين بکر ۾ پنهنجي عهدن بخشي ۽ واقعه نويس تي نظر اچي ٿو. هن ڪل 3 شاديون ڪيون، جن مان پهرين شادي مغل خاندان مان روزينا بيگم سان شاهجهان آباد ۾ ٿي. جنهن مان کيس هڪ پٽ ٿيو، ان تي پنهنجي ڏاڏي مير بزرگ جو نالو رکيو ويو. ٻي گهر واريءَ عاقله بيگم نالي هئي، جيڪا به مغل هئي. ان سان لاهور ۾ نڪاح ٿيو. جڏهن ته ٽين گهر واريءَ جي نالي بابت تاريخ خاموش آهي. سيد مير علي شير جي اولاد مان مير علي شير ‘قانع’ ٺٽويءَ، ٽن فرزندن مير اسدالله، مير عنايت الله ۽ مير بزرگ (ثاني) جو ذڪر ڪيو آهي، جڏهن ته ‘شجره سادات معصومي’ ۽ ‘شجره سادات پوراني’ ۾ سيد علي شير جي پنجن پٽن جو ذڪر ٿيل آهي. مٿين ٽن پٽن سان گڏ ٻن وڌيڪ پٽن حسين علي شاهه حسيني ۽ سيد علي معصوميءَ جا نالا ذڪر هيٺ آيل آهن.