
علي شير شيدي
علي شير شيدي: ملھہ پهلوان علي شير شيدي، ڳوٺ غلام الله، ضلعي ٺٽي جو رهاڪو، مشھور ملھہ پهلوان انب شيديءَ جو پٽ ۽ بکر شيديءَ جو ننڍو ڀاءُ آهي. کيس ملھہ جو شوق وڏڙن کان ورثي ۾ مليو. ملھہ جي سکيا پنھنجي والد کان ورتائين، جنهن مڪمل سکيا بعد شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ملاکڙي ۾ باقاعدي ملھہ وڙهڻ جو آغاز 1968ع ڌاري ڪيو. ٺٽي ضلعي جي مختلف ملاکڙن ۾ ٽئين جوڙ جي پهلوانن سان مقابلا کٽي، تر ۾ هاڪ ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد والد ۽ ڀاءُ سان گڏ سڄي سنڌ جي ملاکڙن ۾ وڃي لاڙ جي طرف کان چڱن نالي وارن پهلوانن سان اٽڪيو. ڪيترن ئي ملاکڙن ۾ سوڀ ماڻي ستن سالن بعد ٻئي جوڙ ۾ شامل ٿيو. ٻئي جوڙ جي پهلوانن سان مقابلي ۾ سڄي سنڌ مان داد حاصل ڪري 1982ع ڌاري پهرين جوڙ ۾ شامل ٿيو. هن وقت وڏي عمر سبب ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏنو اٿس، پر ملھہ ڏسڻ ۽ پهلوانن جي تربيت ڪرڻ جو شوق جاري رکيو اچي.