علي صفدر

علي صفدر

علي صفدر

علي صفدر: نوجوان شاعر علي صفدر جو پورو نالو صفدر علي ولد بشير احمد چانڊيو آهي. هن پھرين جنوري 1983ع تي ڳوٺ جمال خان چانڊئي، تعلقي قنبر، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول جمال خان چانڊئي مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باگو ديري قنبر مان، انٽر گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر مان حاصل ڪئي. غربت سبب وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيو. مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو رهي ٿو. هن لکڻ جي شروعات 2001ع کان ڪئي. ان کان اڳ هو ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن تي خط لکي پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو. هن 2000ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت شاخ جمال خان چانڊيو جو بنياد رکيو. هن ٻارن جي تنظيم جو پڻ بنياد رکيو، جنهن سان اڄ به سلهاڙيل آهي. علي صفدر مزدوريءَ سانگي ڪجهه عرصو سعوديءَ ۾ رهيو. پوءِ واپس ڳوٺ آيو.
سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ‘هوا کي ننڊ ناهي’ (2007ع) ۽ ‘مڌ جا رهيل رنگ’ (2010ع) ۽ هڪ ناول ‘ماڻهو هڪ جهنگل’ (2017ع) ڇپيل آهن. هي ڳوٺ جمال چانڊيي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ علي صفدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.01.01  عيسوي

نوجوان شاعر علي صفدر جو پورو نالو صفدر علي ولد بشير احمد چانڊيو آهي. هن 1 جنوري 1983ع تي ڳوٺ جمال خان چانڊئي، تعلقي قنبر، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تمر فقير
ڀڳوانداس مهاراج
چانڊيو عبدالله خان ’همدم‘
بخشڻ شاهه
عـزيـزالله مجروح
شاهده کوکر
مخدوم محمد عارف سيوستاني 2
عبدالغفور مفتون همايوني
چيتن ديوڪي ورما يمراج
مراد علي شر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون