علي عثماني شاهه مسجد

علي عثماني شاهه مسجد: هيءَ مسجد سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري وسڻ شاهه درٻار جي پويان روهڙي شهر ۾ آهي. هي يڪ گنبذي مسجد مغلن جي دور جي اڏاوت چئي وڃي ٿي. اها سنڌو درياهه جي لڳ ڀڳ ڪناري تي آهي. تنهن ڪري ٻوڏن جي مند ۾ مسجد ۾ پاڻي گهڙي ايندو آهي. درياهه جي ڪناري تي ٻيون به مسجدون آهن. اهڙين مسجدن ٺاهڻ جو مقصد واپاري ٻيڙن جي مسافرن کي نماز پڙهڻ جي سهوليت مهيا ڪرڻ هو. هيءَ مسجد هيٺاهين تي آهي، جنهنڪري ڪافي پورجي چڪي آهي. مسجد جي مهاڙي سادي آهي. مسجد جي مهاڙيءَ ۾ ٽي لنگهه ٺهيل آهن، جيڪي نوڪيلن ونگن سان ٺهيل آهن. وچيون در وڏو آهي، جڏهن ته پاسن وارا در ننڍا آهن. مٿي گول گنبذ ٺهيل آهي، جنهن تي ڪوڻيءَ جو ابتو گل آهي ۽ ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آهي. هن وقت به هن مسجد ۾ نمازي پابنديءَ سان نماز ادا ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو