علي عثماني شاھہ مسجد: هيءَ مسجد سنڌو درياھہ جي کاٻي ڪناري وسڻ شاھہ درٻار جي پويان روهڙي شھر ۾ آهي. هي يڪ گنبذي مسجد مغلن جي دور جي اڏاوت چئي وڃي ٿي. اها سنڌو درياھہ جي لڳ ڀڳ ڪناري تي آهي. تنهن ڪري ٻوڏن جي مند ۾ مسجد ۾ پاڻي گهڙي ايندو آهي. درياھہ جي ڪناري تي ٻيون بہ مسجدون آهن. اهڙين مسجدن ٺاهڻ جو مقصد واپاري ٻيڙن جي مسافرن کي نماز پڙهڻ جي سهوليت مهيا ڪرڻ هو. هيءَ مسجد هيٺاهين تي آهي، جنهنڪري ڪافي پورجي چڪي آهي. مسجد جي مهاڙي سادي آهي. مسجد جي مهاڙيءَ ۾ ٽي لنگهہ ٺهيل آهن، جيڪي نوڪيلن ونگن سان ٺهيل آهن. وچيون در وڏو آهي، جڏهن تہ پاسن وارا در ننڍا آهن. مٿي گول گنبذ ٺهيل آهي، جنهن تي ڪوڻيءَ جو ابتو گل آهي ۽ ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آهي. هن وقت بہ هن مسجد ۾ نمازي پابنديءَ سان نماز ادا ڪن ٿا.