علي فقير ملنگ جو مقبرو

علي فقير ملنگ جو مقبرو

علي فقير ملنگ جو مقبرو

علي فقير ملنگ جو مقبرو: ملنگ علي فقير جو مقبرو پتو حسين ڳوٺ، تعلقي گمبٽ ۾ آهي. روايت آهي ته علي فقير ملنگ مشهور صوفي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو فرزند هو، پر اهڙو ڪوبه پڪو ثبوت ڪونه ٿو ملي. هن مقبري کي رازي محمد پريل فقير جوڙيو هو. مقبرو تمام سقيم حالت ۾ آهي. مهاڙيءَ کي ڇڏي باقي هنڌان هنڌان ڏري پيو آهي. مهاڙي خوبصورت اٿس. دروازو وڏين ونگن سان، پاسن ۾ هوا لاءِ ڄاريون ڇڏيل آهن. مٿي عربيءَ ۾ ڪلما وغيره لکيل آهن. زمين کان هر پاسي پيل پاوا نڪرن ٿا. مهاڙيءَ ۾ به ٻن ڪنڊن تي پيل پاوا نڪري ٻيڙٻني تي پهچن ٿا. اتان هر پاسي هڪ نيل نڪري ٿي، جنهن تي کنڊڙو رکيل آهي ۽ گنبذ جي مٿان نيل ڏنل آهي.
مقبري جي مهاڙيءَ ۾ دروازي جي مٿان ٻيڙٻني وٽ نيلن سان ٻه خوبصورت گنبذ رکيل آهن، جن جي وچ تي شاندار Merlac ڏئي مقبري کي خوبصورت بنايو ويو آهي. هن وڏي نيل کان ننڍي دروازي واري نيل تائين ٻه ننڍڙا گنبذ ڏنا ويا آهن، جيڪي هر پاسي ٽي عدد ڏنل آهن. ڇت تي وڏو گارائون گنبذ ٺهيل آهي، جيڪو ڳچ جي مٿان رکيل آهي. ڳچ هن وقت بهتر حالت ۾ نه آهي، جو ان تان پلستر لهي ويو آهي. ڳچ جي ڪنڊن تي گنبذڙا ۽ ڪنگرن جي جهالر ڏسي سگهجي ٿي. گنبذ جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو گل ٺهيل آهي، جڏهن ته ان جي مٿان ڪلسو
ڏنل آهي.مقبري جي ڀتين تان پلستر اکڙي چڪو آهي. مقبرو زبون آهي، ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو