علي قلي بيگ، مرزا: نامور اديب مرزا علي قلي بيگ ولد مرزا فريدون بيگ 1856ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. مرزا علي قلي بيگ ابتدا ۾ مرزا قليچ بيگ سان گڏ آخوند شفيع محمد وٽ قرآن پاڪ پڙهيو. ان کان پوءِ قليچ بيگ سان گڏ حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ داخلا ورتائين. پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻئي ڀائر انگريزي اسڪول ۾ به گڏ پڙهيا. مرزا علي قلي بيگ بمبئي يونيورسٽيءَ مان انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد موٽي آيو ۽ اچي تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. جيئن ته هو فارسي زبان تي مهارت رکندو هو، ان ڪري کيس فارسيءَ جو استاد مقرر ڪيو ويو، ان کان پوءِ ترقي ڪري ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. هن 48 ورهين جي ڄمار ۾ 1904ع ۾ وفات ڪئي. مرزا علي قلي بيگ کي 3 پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.
مرزا علي قلي بيگ سنڌيءَ کان سواءِ عربي، فارسي، ترڪي ۽ انگريزيءَ جو ماهر هو، خاص ڪري گرامر ۽ علم الڪلام تي کيس وڏي مهارت حاصل هئي. ان کان سواءِ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:
(1) پهاڪن جو ڪتاب: هن ۾ اٽڪل 1500 کن سنڌي پهاڪا ڏئي انهن جا عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مترادف ڏنا ويا آهن.
(2) علم الڪلام: هي موضوع تي هڪ بهترين ڪتاب آهي، جيڪو عربي ۽ فارسي زبان ۾ آهي.
(3) لغات ثلاث: هن ڪتاب ۾ سنڌي لفظن جون عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ معنائون ڏنيون ويون آهن.
(4) موسيقيءَ جي زبان: هي هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ رنگين نقشن سان ساز، سازن ۽ انهن مان نڪرندڙ آوازن کي اچارن وسيلي سمجهايو ويو آهي.
(5) ابتدائي عربي فارسي گرامر: هن گرامر جو ڪتاب ۾ انگريزي ترجمو به ڏنو ويو آهي.
(6) مرزا صاحب سٺو ڪاتب به هو، هن پنهنجي هٿ سان هڪ قرآن مجيد لکي، ان جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ۽ تفسير به لکيو.
(7) مرزا علي قلي بيگ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن وڏيءَ محنت سان سچل سرمست جو ڪلام گڏ ڪيو ۽ پنهنجي خرچ سان 1902ع ۾ ان جو پهريون جلد ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جو نالو ‘رسالو ميان سچل فقير’ جو رکيائين، جيڪو هريسنگهه سکر واري ليٿو ۾ ڇپائي پڌرو
ڪيو، ان جي ڪتابت پراڻي سکر جي رهاڪو سيد قنبر علي شاهه ڪئي. رسالي جو ٻيو ڀاڱو 1903ع ۾ شايع ٿيو. رسالي جي پهرئين جلد ۾ الف ب وار فهرست ڏني وئي آهي، ان کان پوءِ ديباچو شامل ڪيو ويو آهي. هن رسالي جي ترتيب ۾ مرزا صاحب سڄيءَ سنڌ مان 12 قلمي نسخا گڏ ڪيا.
هن رسالي جا ٻه جلد ٻيهر نئين ترتيب سان هڪ جلد ۾ ڇپيا آهن. حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران 2008ع ۾ ڇپيل هي نئون ڇاپو، ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ڪوششن سان نروار ٿيو آهي.