نواب علي محمد خان لغاري

نواب علي محمد خان لغاري

علي محمد خان لغاري نواب

علي محمد خان لغاري، نواب: فارسيءَ جي شاعر نواب علي محمد خان لغاريءَ جو جنم 1749ع ڌاري تاجپور، موجوده ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، نواب غلام محمد خان ‘نگار’ جي گهر ۾ ٿيو. ميرن جي دور ۾ مولود جي صنف ۾ مقبوليت ماڻيندڙ شاعر نواب ولي محمد ولي سندس ننڍو ڀاءُ هو. هن کي شاعري خانداني نسبت سان ورثي ۾ ملي. فارسيءَ جو بهترين شاعر هو. فارسي شاعريءَ ۾ ‘انيس السالڪين’ سندس تصنيف آهي. هڪ بياض به گڏ ڪيل اٿس. ان کان سواءِ خطاطيءَ ۾ پڻ کيس عبور هو. ‘تڪمله مقالات’ ۾ مير خليل هن جي خطاطيءَ جي ساراهه ڪئي آهي. هو شاعريءَ ۾ ‘علي’ تخلص استعمال ڪندو هو.
نواب علي محمد خان ‘علي’ 1824ع ڌاري وفات ڪئي. سندس پونير تاجپور ۾ آباد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو