علي محمد رونجهو

علي محمد رونجهو

علي محمد رونجهو

علي محمد رونجهو: مشهور چنگ نواز علي محمد ولد امير بخش رونجهو، 4 جنوري 1983ع تي ڳوٺ شيخ سومار ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ريڊيو ٽي. وي جو مشهور چنگ نواز فنڪار ٿي گذريو آهي. هن چنگ ساز جي ابتدائي سکيا پنهنجي والد کان ورتي. جنهن بعد پنهنجي فن جي ابتدا 1994ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٻارن جي مشهور پروگرام ‘ٻارن جي ٻاري’ کان ڪئي. هي پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن اسلام آباد ۾ لوڪ ورثا پروگرام ۽ ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ به پرفامنس ڪري داد حاصل ڪيو آهي. هن جو چنگ وڄائڻ جو انداز بنهه ئي انوکو آهي. جڏهن به ڪنهن محفل ۾ چنگ وڄائڻ شروع ڪندو آهي ته ويٺلن مٿان سحر طاري ٿي ويندو آهي. هن پنهنجي ڀاءُ فيروز رونجهي کي پڻ هن فن جي سکيا ڏني آهي. کيس مڃتا طور ڀٽ شاهه ۽ قلندر لال شهباز جي ميلي تان سرٽيفڪيٽ پڻ مليل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.01.04  عيسوي

مشهور چنگ نواز علي محمد ولد امير بخش رونجهو، 4 جنوري 1983ع تي ڳوٺ شيخ سومار ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليل سلطان
حڪيم فضل محمد
پير شاهه قادري بديڻائي
شبلي نعماني علام
دودو
سيٺ ڌريانو مل
ڀڳونتي پي چانڊواڻي
جلال الدين شاهه
ڀٽي اورنگزيب
پنڊت ديودت شرما
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون