علي محمد ساغر سيوهاڻي

علي محمد ساغر سيوهاڻي : علي محمد ’ساغر‘ سيوهاڻي، سيوهڻ جي قريشي خاندان مان هڪ غريب ۽ محنتي انسان هو. ڪباب ۽ جيرن جو ڪم ڪري پيٽ پاليندو هو، ان ڪري علي محمد ’ڪبابي‘ جي نالي سان بہ مشھور هو. پنھنجي دور جو سٺو شاعر هو، غربت هوندي بہ سيوهڻ يا ان کان ٻاهر منعقد ٿيندڙ محفلن ۽ مشاعرن ۾ شعر پڙهي داد حاصل ڪندو هو. اڪثر پنھنجي شعر جي اصلاح حڪيم مخدوم محمد مراد صديقيءَ کان وٺندو هو. سندس همعصر شاعرن ۾ محمد احسن چنا، سيد فيروز شاھہ سيوهاڻي، سيد غلام مصطفى شاھہ لڪياري، محمد اشرف منصور، پروفيسر محبوب علي چنا، استاد بخاري ۽ نواز رڪڻائي مشھور هئا. علي محمد ساغر سيوهاڻيءَ، 1973ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو