علي محمد عباسي، ڪامريڊ: سياستدان، شاعر ۽ صحافي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ولد وڏيرو حڪيم سعيد خان عباسي، 6 جون 1901ع تي ڳوٺ وليد، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول وليد، مئٽرڪ سنڌ مدرسي لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. علي محمد عباسي پڙهائيءَ بعد زمينداريءَ تي توجهه ڏنو. هن پنهنجي قبيلي جي نوجوانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ، امن، اتحاد ۽ ڀائيچاري قائم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن 1935ع ڌاري ‘عباسي ڪلهوڙا تنظيم’ جو بنياد وڌو. جنهن جي پليٽ فارم تان برادريءَ جي ماڻهن کي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ کان ويندي سندن مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪيائين. هن 1941ع ۾ هفتيوار اخبار ‘آواز ڪلهوڙا’ جاري ڪئي. بعد ۾ 1942ع ۾ هڪ ٻي هفتيوار اخبار ‘العباس’ جاري ڪيائين. اخبارن جي اشاعت لاءِ لاڙڪاڻي شهر ۾ پريس قائم ڪيائين.علي محمد پنهنجي برادريءَ جي ذهين شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مالي مدد طور وظيفا به ڏيندو هو. علي محمد عباسي هاري تحريڪ جي پروگرام جو حامي ۽ ساٿاري رهيو. هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن عبدالقادر ميوا خان کوکر، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان سندس دوستاڻا تعلقات هئا، ۽ سندن وقت بوقت مدد به ڪندو رهيو. علي محمد عباسي 1937ع ۾ هاري تحريڪ جو ضلعي نائب صدر پڻ رهيو. 1945ع ۾ ٿيندڙ صوبائي اليڪشن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فضل الله وچ ۾ مقابلو ٿيو ته علي محمد عباسي مالي مدد کان ويندي رات ڏينهن اليڪشن مهم ۾ حصو وٺي ڪامريڊ جي حمايت ڪئي. علي محمد عباسي 15 مارچ 1953ع تي تجر باغ لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ هاري ڪانفرنس ڪوٺرائي، جنهن ۾ صدارت حيدر بخش جتوئي ڪئي ۽ ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد، ميان افتخار احمد، پير الاهي بخش، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجي وغيره شرڪت ڪئي. هيءُ لاڙڪاڻي جو پهريون زميندار هو، جنهن 1945ع ۾ زمين جي استعمال لاءِ ٽريڪٽر خريد ڪيو. علي محمد عباسي سٺو شاعر پڻ هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: گل عباسي (شاعري) ۽ ‘پيام سنڌ’ (شاعري: 1952ع) قابل ذڪر آهن. سندس هڪ نظم ‘سنڌ درياهه’ نهايت مقبوليت ماڻي. علي محمد عباسي 5 نومبر 1961ع تي وفات ڪئي. سندس اولاد ۾ غلام علي عباسي نامور وڪيل ۽ سياستدان آهي.
1901.06.06 عيسوي
سياستدان، شاعر ۽ صحافي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ولد وڏيرو حڪيم سعيد خان عباسي، 6 جون 1901ع تي ڳوٺ وليد، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
1961.11.05 عيسوي
علي محمد عباسي 5 نومبر 1961ع تي وفات ڪئي.