صوفي علي محمد فقير

صوفي علي محمد فقير

علي محمد فقير صوفي

علي محمد فقير، صوفي: صوفي علي محمد فقير ٽالپر 1325هه بمطابق 1906ع ۾ صوفي مير محمد فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس مشهور ۽ معروف ڳوٺ ٽالپر وڏا، تعلقي ڪوٽڏجي، ضلعي خيرپورميرس ۾ آهي، جيڪو ٽي سؤ سال پراڻو ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ سدائين طب، تعليم ۽ تصوف جو مرڪز رهيو آهي. صوفي علي محمد فقير هند سنڌ جي مشهور بزرگ صوفي جلال فقير جو پوٽو هو.
صوفي علي محمد فقير ٽالپر عربي، فارسي ۽ سنڌي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي جي مدبر استاد قاضي محمد روشن صاحب وٽان حاصل ڪئي. صوفي علي محمد فقير جيئن ته ٽالپر وڏا جي صوفياڻي ماحول ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو تنهنڪري تصوف جو رنگ مٿس غالب رهيو. پنهنجي والد صاحب کان تعليم ۽ تربيت سان گڏ طلب پڻ ورتي ۽ دست بيعت ٿيو. جيئن ته والد صاحب جي نگراني هيٺ تصوف جون منزلون طئي ڪرڻ سان گڏ شاعري به ڪرڻ لڳو. سندس ڪلام چئن ٻولين: سنڌي، سرائيڪي، هندي ۽ اردو تي مشتمل آهي. سندس ڪلام سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪافي مشهور آهي. سندس ڪلام سهراب فقير گهڻو ڳايو. سنڌ جي مشهور ڪلاسيڪي ڳائڻيءَ عابده پروين سندس هڪ هندي غزل ڳايو، جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن جا ٻول آهن ‘مئن صوفي هون سرمستا، ميرا ڪون پڇاڻي رستا’. اهو ساڳيو ڪلام جديد انداز ۾ سيف سميجي پڻ ڳايو آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ’رتن انمول‘ جي نالي سان سندس ٽئين نمبر فرزند خادم حسين ٽالپر ‘جلالي’ ڇپايو آهي. هند ۽ سنڌ ۾ سندس ڪيترائي طالب ۽ عقيدتمند موجود آهن. فقير علي محمد ٽالپر 22 جماد الاول 1400هه بمطابق 9 اپريل 1980ع ۾ وفات ڪئي. هر سال هن تاريخ تي سندس طالب ۽ عقيدتمند اهو ڏينهن سندس ڳوٺ ۾ مزار تي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو