علي محمد قادري

علي محمد قادري

علي محمد قادري

علي محمد قادري: نامور شاعر، اديب، صحافي ۽ حڪيم علي محمد ولد بهاءُ الدين قادري 1856ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هيءُ لاڙڪاڻي جي مشهور قادري خاندان جي محمد صالح قادريءَ جي ڀاءُ ميان رضا محمد جو پوٽو هو. هن خاندان جي نسبت سنڌ جي حڪمران ڄامن سان آهي. ميان عـلـي مـحـمـد جـي تعليم ۽ تربيت پنهنجي مامي ميان غلام محمد گدا جي نظر هيٺ ٿي. علي محمد قادري هڪ وڏو عالم، فاضل، شاعر ۽ اديب هو. شام جو سندس اوطاق تي وڏي ڪچهري لڳندي هئي. جنهن ۾ سنڌ جي مختلف حصن مان عالم، شاعر، حڪيم ۽ طبيب اچي شريڪ ٿيندا هئا. جنهن دوران مناظرا پڻ ٿيندا هئا، جن جو امين علي محمد قادري هوندو هو. قادري صاحب نامور حڪيم پڻ هو. سندس مطب ڪافي مقبوليت ماڻي. هو شهر جي سياست ۾ دلچسپي وٺي قوم جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. هيءُ ميونسپل ڪميٽي لاڙڪاڻي جو ڪيترو وقت ميمبر، ۽ سينيٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. کيس سير ۽ سفر جو پڻ شوق هو. سنڌ، بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي مريدن ڏانهن ويندو هو. هن ڪيترائي ڀيرا حج پڻ ڪيو ۽ عراق، ايران ۽ حجاز پڻ ويو.
علي محمد قادري سنڌ ۾ عوامي مشاعري جي روايت پڻ قائم ڪئي. هن پهرين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ منعقد پڻ ڪرائي، جنهن جي استقباليه ڪميٽيءَ جو پاڻ چيئرمئن هو. جنهن بعد سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جو رواج پيو. 1919ع ۾ خيرپور آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان وفد جي صورت ۾ شريڪ ٿيو. 1925ع ۾ آل سنڌ محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد ۾ وفد سميت شرڪت ڪيائين. علي محمد قادري ميان غلام سرور فقير سان گڏجي 1922ع ۾ قادريه پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿي. انهيءَ پريس مان هفتيوار اخبارالحقيقت’ ۽ ماهوار رسالو ‘گلدسته’ شايع ڪيائين. گلدستي رسالي جو پاڻ ايڊيٽر ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘حسن و عشق’ (1906ع)، ليليٰ مجنون (مثنوي 11926ع)، ديوان قادري (1939ع)، گلدسته لغت قابل ذڪر آهن. نامور اديب ڊاڪٽر اياز قادري به ان خاندان مان هو. علي محمد قادري 10 نومبر 1940ع تي وفات ڪئي. سندس وفات تي لالچند مجروح مرثيو ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي محمد عاقل ۽ جمع خان غريب قطعه تاريخون لکيون آهن.


لفظ علي محمد قادريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو