علي محمد مجروح
علي محمد مجروح: سنڌ جي نامور شاعر، علي محمد ‘مجروح’، 1926ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ خير محمد پنهور جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل ميهڙ جا رهاڪو هئا، جتان انگريزن جي دور ۾ لڏي مزدوريءَ سانگي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيا. هنن مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد روزگار سان لڳي ويو. صحافتي زندگيءَ جو آغاز ‘نئين سنڌ’ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪيائين. ڪجهه عرصو ‘الوحيد’ ۾ پڻ ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ حيدرآباد ۾ انفارميشن کاتي ۾ ملازم مقرر ٿيو. جنهن کانپوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽس ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. کيس شاعريءَ جو شوق صحافت واري وقت کان ٿيو. شاعريءَ ۾ ‘مجروح’ تخلص ڪتب آندو اٿس. هن شاعريءَ ۾ مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. پر سندس غزل کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. سندس ڪلام ۾ سادگي، سچائي ۽ دلڪشي آهي. پاڻ سڄيءَ سنڌ جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي، ترنم ۾ شاعري پڙهندو هو. ريڊيو پاڪستان سان سندس وابستگي شروعاتي دور کان رهي. ريڊيو تي کيس سرشار عقيليءَ متعارف ڪرايو.1972ع ۾ پاڪستان ۾ ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم ‘عمر مارئي’ کانپوءِ سنڌي شاعر ۽ ڪهاڻيڪارن جي اسٽوڊيو ۾ اچ وڃ شروع ٿي، جنهن بعد فلمي دنيا جي مشهور دائريڪٽر شيخ حسن سان ويجهڙائي ٿيس، جنهن کيس فلم ‘پرائي زمين’ جا نغما لکڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اها فلم ته ناڪام وئي، پر سندس گانو تمام گهڻو مقبول ٿيو. جنهن کانپوءِ شهرو فيروز، نفرت، رت جا رشتا، ممتا ۽ آئي مند ملهار سميت ٻين ڪيترين ئي فلمن لاءِ گانا لکيائين. علي محمد ‘مجروح’ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ لاءِ ڪيترائي گيت ۽ ڊراما لکيا. هن ادبي ۽ تخليقي پورهئي تي ڪافي اوارڊ ۽ مڃتا ۽ سرٽيفڪيٽ ماڻيا. کيس 1995ع ۾ حسن ڪارڪردگيءَ جو صدارتي اوارڊ پڻ مليو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘سڪ جو سمنڊ’ 1993ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيو. جنهن کي پاڪستان اڪيڊمي ادبيات پاران اوارڊ ڏنو ويو. علي محمد ‘مجروح’ 6 جنوري 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.