علي محمد مست نقشبندي: علي محمد ٽالپر، ماڻڪاڻي ميرن جي خاندان جو چشم و چراغ هو. خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جو مريد ٿي لنواري شريف ۾ رهائش پذير ٿيو. کيس ‘علي محمد مست’ ڪري سڏيندا هئا. وڏو حال جو صاحب هو. هڪ دفعي ڪن ماڻهن جون اُٺيون وڃائجي ويون، هو خواجہ صاحب وٽ دعا لاءِ آيا. خواجہ صاحب فرمايو “علي محمد کي بُسري کارايو، اٺيون ڳولي ايندو.” پوءِ ائين ڪيائون ۽ علي اُٺيون ڳولي آيو. اها خواجہ صاحب جي دعا اهڙي پري وئي، جو جڏهن ڪنهن جي ڪا شيءِ گم ٿي ويندي هئي، علي محمد کي بُسري ٺاهي ڏبي هئي تہ هو اُها وٿ ڳولي ڏيندو هو. اڄ تائين لنواريءَ جي جماعت ۾ روايت آهي تہ جڏهن ڪنهن جي ڪا شيءِ وڃائجي ويندي آهي تہ علي محمد جي بُسري ٺاهي خدا ڪارڻ کارائيندا آهن تہ اها شيءِ ملي ويندي آهي. سندس مقبرو عمرڪوٽ ۾ هاليپوٽا مارڪيٽ لڳ آهي، جتي هاڻي عزاخانو قائم ڪيو ويو آهي.