علي محمد مهيري، مولانا: مشھور مذهبي اسڪالر، عالم، مولانا علي محمد مهيري ولد حافظ ڌڻي پرتو مهيري، 1294ھہ/ 1877ع ڌاري ڳوٺ بجاري، تعلقي گولاڙچي، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. قرآن شريف حافظ محمد نونداڻي وٽ پڙهيو. فارسيءَ جي تعليم مخدوم عبدالرئوف نورنگ زاده، حافظ احمد ميمڻ، مولوي فتح محمد مهيريءَ وٽان، عربيءَ جي تعليم مولانا احمد ميمڻ، مولانا حامد ﷲ ۽ مولانا سليمان ٻنويءَ وٽ پڙهي درس نظاميءَ جي تڪميل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پنھنجي ڳوٺ بجاري شريف ۾ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. ان کان پوءِ ڳوٺ ٻيلي ۾ وڃي مولانا حامد ﷲ جي صحبت ۽ تربيت هيٺ شرعي مسئلا حل ڪندو رهيو.
مولانا علي محمد مهيري خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿي سياست ۾ قدم رکيو. هيءُ تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. پاڻ خلافتي عالمن طرفان، امن سڀائين جي خلاف جاري ڪيل فتوائن جي پڻ تصديق ۽ تائيد ڪري پنھنجي تحريڪ دوستيءَ جو ثبوت ڏنائين. علي محمد مهيري خلافت تحريڪ سان گڏ جمعيت العلماءِ هند سان پڻ وابستہ رهيو. سنڌ ۽ هند جي عالمن جڏهن ترڪ موالات تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل فتويٰ جاري ڪئي تہ مولانا صاحب وطن جي آزاديءَ خاطر ان فتويٰ جي تائيد ڪئي. ان کانپوءِ جڏهن 1939ع ۾ مسجد منزل گاھہ واقعوپيش آيو تہ انهيءَ مسئلي کي مسلم ليگ پنھنجي هٿ ۾ کنيو تہ مولانا صاحب بہ انهي جماعت سان ساٿ ڏيندي ان هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو. کيس سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ٻولين تي عبور حاصل هو.
علي محمد مهيريءَ کي شاھہ جو رسالو ڪيترو ئي ياد هو. جڏهن بہ ڪو بيت پڙهندو هو تہ روئندو هو. هن کاري جي زبان تي تحقيق پڻ ڪئي ۽ ڪيترائي ڏکيا لفظ ۽ معنائون لکيون. سندس اها لغت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي سهيڙيل ‘جامع سنڌي لغات’ ۾ شامل ڪئي. جنهن جو ذڪر بلوچ صاحب لغت ۾ پڻ ڪيو آهي. سندس شاگردن ۾ مولوي محمد عمر مهيري، مولوي اميد علي مهيري، محمد سليمان جت، مولوي محمد نورنگ زاده، محمد ابراهيم انيس مهيري وغيرہ قابل ذڪر آهن. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جيڪي شايع ٿيا. سندس تصنيف ڪيل ڪتابن ۾: ديوان علي، تفسير سوره انا فتعنا، سوانح شيطان، مجموعه فتاويٰ، ناول عبرت عرف شيخ شبلي، قصيده برده (منظوم ترجمو)، تحفة وطن (شاعري)، بيبي فاطمة الزهره، بجلي (ناول)، صائع وغيرہ قابل ذڪر آهن. هن ڳوٺ ۾ مدرسي جو بنياد پڻ رکيو. سندس ٻہ شاديون ٿيل هيون. جن مان کيس ڇھن پٽن ۽ ڇھن ڌيئرن جو اولاد هو. هن 21 شعبان 1367 ھہ مطابق 29 جون 1948ع تي وفات ڪئي.