علي محمد وڳڻ

علي محمد وڳڻ

علي محمد وڳڻ

علي محمد وڳڻ: علي محمد وڳڻ، ڳوٺ نبي شاھہ وڳڻ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، محمد ايوب خان وڳڻ جي گهر ۾ 1950ع ڌاري ڄائو. هن تعليم 6 درجا حاصل ڪئي. طريقت جي تعليم لاءِ وقت جي اهل الله، درويش سيد لعل شاھہ کي مرشد قبول ڪيائين. علي محمد وڳڻ راڳ جي بنيادي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي هڪ استاد ڳائڻي سيد نادر شاھہ کان ورتي، جيڪو پنھنجي وقت جو ڪلاسيڪل گويو هو. جنهن علي محمد وڳڻ کي راڳ جي سکيا سان گڏ اها وصيت پڻ ڪئي تہ “مون کانپوءِ استاد گلزار علي خان وٽان راڳ جي سکيا جو عمل جاري رکجان.” هن سيد نادر حسين شاھہ جي وفات بعد استاد گلزار علي خان وٽان ڪافي ڪجهه پرايو. ان ڪري سندس گائيڪيءَ واري انداز ۾ استاد گلزار علي خان جو رنگ نمايان نظر ايندو هو. هن ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ کي موسيقيءَ جو روپ ڏئي ڳايو. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي ٻہ ٽي ڀيرا پروگرام پرفارم ڪيائين. سندس ڪجهہ ڪلام ريڊيو تي بہ نشر ٿيا. سندس سنگيت واري فيض سان ڪيترائي شاگرد فيضياب ٿيا. هن پنھنجي استعمال جو طبلو ۽ هارمونيم پنھنجي ٻن شاگردن لعل بخش چني ۽ علي مردان کي نشانيءَ طور ڏيئي ڇڏيا. وفات کان ڪافي سال اڳ موسيقيءَ جي فن کي خدا حافظ ڪري، درويش واري زندگي گذارڻ لڳو هو. هن هڪ ڪتاب پڻ لکيو، جنهن جو قلمي نسخو سندس ويجهي شاگرد لعل بخش چني وٽ موجود آهي. علي محمد وڳڻ، 5 مئي 2008ع تي 60 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


لفظ علي محمد وڳڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو