علي محمد پيرزادو (اي. ڪيو. پيرزادو)

علي محمد پيرزادو (اي. ڪيو. پيرزادو)

علي محمد پيرزادو اي ڪيو پيرزادو

علي محمد پيرزادو (اي. ڪيو. پيرزادو): مشهور اداڪار، هدايتڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر اي. ڪيو. پيرزادي جو پورو نالو علي محمد ولد قربان علي پيرزادو هو. سندس جنم 1935ع ڌاري سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه ۾ ٿيو. کيس ننڍپڻ کان سندس فلمن سان چاهه رهيو. شروعات ۾ نوابشاهه جي ريگل سئنيما ۾ پينٽر جي نوڪري ڪيائين. جنهن دوران فلمن جا پوسٽر ٺاهيندو هو. فلمن سان دلچسپي هجڻ سبب لاهور هليو ويو، جتي نامور هدايتڪارن همايون مرزا، فريد احمد، خليل قيصر، رفيق رضوي، رياض احمد راجو، اي غفار، جاويد هاشمي ۽ ايس ايم يوسف وغيره سان گڏ ڪم ڪيائين. جن مان ڪن وٽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائين. سندس مشهور سنڌي فلمن ۾: ڌرتي دل وارن جي، محبوب مٺا، بادل ۽ برسات، چانڊوڪي، سورٺ، پنجابي فلم ‘مٽي ديان مور تان’ وغيره قابل ذڪر آهن. اي ڪيو پيرزادي جون سنڌي فلمون ٽيڪنيڪي لحاظ کان مٿانهين معيار جون نظر اچن ٿيون. هن 25 جنوري 2011ع تي وفات ڪئي. سندس خاندان سڪرنڊ ۾ رهائش پذير آهي.علي محمد خان ٽالپر، مير: هي خيرپور رياست جو رهاڪو هو. هي مير مبارڪ علي خان ٽالپر جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ هو. مير علي محمد خان ٽالپر هر دلعزيز ۽ غريب پرور شهزادو هو. مير علي محمد خان روهڙي تعلقي جي ڳوٺ علي آباد ۾ رهندو هو. سندس طبيعت جو لاڙو تصوف ڏانهن هو ۽ فقيراڻي زندگي گذاريندو هو. عارفن جي ڪلام جو مطالعو سندس خاص شغل هوندو هو.
هو سنڌي ڪافي ۽ فارسي غزل جو بهترين شاعر هو. سندس فارسي غزل جو هڪ شعر هت ڏجي ٿو:
اي نازنين سرڪش جورو جفا ئي چيست،
درمرگ عاشقان عمده اين رضائي چيست.


هن صفحي کي شيئر ڪريو