علي مراد (سنڌو تهذيب جو ماڳ)

علي مراد (سنڌو تهذيب جو ماڳ)

علي مراد سنڌو تهذيب جو ماڳ

علي مراد (سنڌو تهذيب جو ماڳ): سنڌو تهذيب جو هي قديم ماڳ غازي شاهھ واري ماڳ کان 12 ڪلوميٽر پري تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. هن کي مٺو ڪلوئي دڙي جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. هي دڙو ڳوٺ علي مراد ڪلوئيءَ کان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هڪ وارياسي ميدان ۾ آهي. هن جي ڀرسان نئن انگئي وهي ٿي، جيڪا ٽنڊي رحيم واري ڳوٺ کان اچي ٿي. دڙو ٻن هنڌن تي آهي. مکيه دڙي جي اوچائي 25 فوٽ آهي. جڏهن ته ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ هن جون 1100 x 100 x 27 فوٽ آهن. دڙي جي ڏکڻ ۾ ڦٽل کوهه آهي. ٻيا ننڍڙا ننڍڙا دڙا قبرستان هيٺ اچي ويا آهن. دڙي جي هڪ قطار اتر کان ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي، جنهن تي ٺڪراٺو خاص ڪري ٽڪيون (Cakes) تعداد ۾ گهڻيون آهن. ماڳ تي پٿر جي ديوارن جا دوڳ (Block) 1x1x2 فٽ يا ماپ جا اڌورا گهڙيل مليا آهن. ديوار جو هڪ حصو 70 فٽ ۽ ٿورو اڳتي وري 65 فٽ کوٽيو ويو هو. جاين جي اڏاوت ۾ گل (Mud-morter) استعمال ٿيل آهي، جتان سنڌو تهذيب جو ٺڪراٺو، پٿري ڇريون، ٺڪريون، ٽڪيون، ٽامي جي آر، پٿر جا مڻڪا، ٺڪر جون ننڍيون مورتيون، رانديڪا، مهرون ۽ سوراخدار ٺڪريون مليون آهن. هي سنڌو تهذيب جي اوائلي ڌاتو پاهڻي دور جو ماڳ آهي. دڙي جو ٻيو حصو جو اتر کان ڌکڻ طرف پکڙيل هڪ ٽڪريءَ وانگر آهي، ان جي اتر ۾ بهليل شاهه نالي ڪلهوڙن جي هڪ سالار جي مزار آهي ۽ ڏکڻ ڀڙي تي هن وقت (2017ع) ٻه تاريخي دور جا مقبرا آهن ۽ باقي ٽي قبرون ٺهي ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو