علي مراد (سنڌو تهذيب جو ماڳ)

علي مراد (سنڌو تهذيب جو ماڳ)

علي مراد سنڌو تھذيب جو ماڳ

علي مراد (سنڌو تھذيب جو ماڳ): سنڌو تھذيب جو هي قديم ماڳ غازي شاهھ واري ماڳ کان 12 ڪلوميٽر پري تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. هن کي مٺو ڪلوئي دڙي جي نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو. هي دڙو ڳوٺ علي مراد ڪلوئيءَ کان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هڪ وارياسي ميدان ۾ آهي. هن جي ڀرسان نئن انگئي وهي ٿي، جيڪا ٽنڊي رحيم واري ڳوٺ کان اچي ٿي. دڙو ٻن هنڌن تي آهي. مکيہ دڙي جي اوچائي 25 فوٽ آهي. جڏهن تہ ڊيگهہ ۽ ويڪر ۾ هن جون 1100 x 100 x 27 فوٽ آهن. دڙي جي ڏکڻ ۾ ڦٽل کوھہ آهي. ٻيا ننڍڙا ننڍڙا دڙا قبرستان هيٺ اچي ويا آهن. دڙي جي هڪ قطار اتر کان ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي، جنهن تي ٺڪراٺو خاص ڪري ٽڪيون (Cakes) تعداد ۾ گهڻيون آهن. ماڳ تي پٿر جي ديوارن جا دوڳ (Block) 1x1x2 فٽ يا ماپ جا اڌورا گهڙيل مليا آهن. ديوار جو هڪ حصو 70 فٽ ۽ ٿورو اڳتي وري 65 فٽ کوٽيو ويو هو. جاين جي اڏاوت ۾ گل (Mud-morter) استعمال ٿيل آهي، جتان سنڌو تھذيب جو ٺڪراٺو، پٿري ڇريون، ٺڪريون، ٽڪيون، ٽامي جي آر، پٿر جا مڻڪا، ٺڪر جون ننڍيون مورتيون، رانديڪا، مهرون ۽ سوراخدار ٺڪريون مليون آهن. هي سنڌو تھذيب جي اوائلي ڌاتو پاهڻي دور جو ماڳ آهي. دڙي جو ٻيو حصو جو اتر کان ڌکڻ طرف پکڙيل هڪ ٽڪريءَ وانگر آهي، ان جي اتر ۾ بھليل شاھہ نالي ڪلهوڙن جي هڪ سالار جي مزار آهي ۽ ڏکڻ ڀڙي تي هن وقت (2017ع) ٻہ تاريخي دور جا مقبرا آهن ۽ باقي ٽي قبرون ٺھي ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو