علي نواز خان چاچڙ

علي نواز خان چاچڙ

علي نواز خان چاچڙ

علي نواز خان چاچڙ: سياستدان علي نواز خان ولد دل جان خان چاچڙ، 9 مارچ 1962ع تي شهر کاهي، تعلقي ڪشمور ۾ پيدا ٿيو. هن مڊل تائين تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ پڙهڻ دوران شاگردن جي سياسي تنظيم ‘سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ’ فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن ٿيو. پوءِ يونٽ جو صدر ۽ ضلعي جو صدر پڻ رهيو. ضياءَ الحق جي مارشل لا واري دور ۾ ايم. آر. ڊي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪيائين. جنهن دوران کيس جيل پڻ موڪليو ويو. ڦٽڪن جي سزا سان گڏ ڇهه مهينا جيل ۾ به رکيو ويو. علي نواز تعليم مڪمل ڪرڻ بعد روزگار سانگي اسلام آباد ۾ رهيو. هي ڪجهه وقت سنڌ جي وزيراعليٰ جو صلاحڪار پڻ رهيو. علي نواز چاچڙ جون شروع کان وٺي پ پ پ سان همدرديون رهيون آهن. شهيد بينظير ڀٽو سان نهايت ئي عقيدت رهي. پنهنجي علائقي لاءِ هن ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا، ۽ نوجوانن کي روزگار سان لڳايو. هينئر ڪشمور ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.03.09  عيسوي

سياستدان علي نواز خان ولد دل جان خان چاچڙ، 9 مارچ 1962ع تي شهر کاهي، تعلقي ڪشمور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام چينو
چاچڙ حاجي خان اول
احمد حسن داني
رضوي سيد قاسم علي شاهه
عرفان حيدر عابدي مولانا
علي محمد قادري
ڇتل سرهيو
استاد پيارو خان
ڪامران ٽيسوري
اي بي آڏواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون