علي نواز خان ڌاريجو

علي نواز خان ڌاريجو

علي نواز خان ڌاريجو

علي نواز خان ڌاريجو : سردار خان ڌاريجو'>علي نواز خان ڌاريجو، پهرين آگسٽ 1923ع ۾ خانبهادر علي مراد خان ڌاريجي جي گهر ڄائو. ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان ۽ مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1946ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم. اين. اي جي چونڊ وڙهيو، اليڪشن کٽڻ کانپوءِ پنھنجي سيٽ سردار خان مھر '>علي گوهر خان مھر (اول) لاءِ خالي ڪيائين. هيءُ ڪجهه وقت سکر ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيئرمئن بہ رهيو. 1953ع ۾ سنڌ جو ايم. ايل. اي ٿيو، هن اسيمبليءَ ۾ ’سنڌ صرف سنڌين لاءِ‘ جو نعرو هنيو ۽ ’سنڌي لکو، سنڌي ڳالهايو‘ جي مھم هلائي، ايتريقدر جو عملي طور تي پنھنجي ٻارن کي انگلش ميڊيم اسڪولن مان ڪڍرائي سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرايائين. هن جنرل ايوب واري دور ۾ برپا ٿيل صدارتي ريفرينڊم ۾ جنرل محمد ايوب جي مخالفت ڪئي ۽ محترمہ فاطمہ جناح جو ساٿ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ جنرل ايوب خان سندس اٺ هزار ايڪڙ زمين ’گرو مور فوڊ پاليسي‘ تحت ضبط ڪري پنجابي آبادگارن کي الاٽ ڪئي ۽ سندس خانداني اسلحو بہ ضبط ڪيو. سردار خان ڌاريجو'>علي نواز خان ڌاريجو فقير منش، پنجتن جو حبدار ۽ اهل بيت سان انتهائي عقيدت رکندو هو، سندس وقت ۾ دادلوءِ ۾ ٿيندڙ مجلسون ۽ عزاداريءَ جون مجلسون پوري پاڪستان ۾ مشھور هونديون هيون، جنهن ۾ پاڪستان جا چوٽيءَ جا عالم ۽ ذاڪر خطاب ڪندا هئا. غريبن جو هڏ ڏوکي هو. مھر ۽ لُنڊ سردارن سان ويجهڙائپ هئس. فيصلن ۾ رياء نہ ڪندو هو، انصاف جي تقاضا موجب ڌرين ۾ ٺاھہ ڪرائيندو هو. ملھہ پهلوانن ۽ راڳين جو قدردان رهيو. هن 19 جون 1982ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ علي نواز خان ڌاريجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.08.01  عيسوي

سردار علي نواز خان ڌاريجو، پهرين آگسٽ 1923ع ۾ خانبهادر علي مراد خان ڌاريجي جي گھر ڄائو.


1982.06.19  عيسوي

سردار علي نواز خان ڌاريجي 19 جون 1982ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد ابراهيم
رمضان جت
رحيم بخش شيخ
قاضي عبدالوهاب خاطي
پنھل خان چانڊيو
خانبهادر سيد محمد ڪامل شاھہ
طالب حسين ڀورو بروهي
اقبال دل
سر ڪائوسجي جھانگير1 CSI
پير ميان غلام مجدد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون