علي نواز وفائي
علي نواز وفائي: ناليواري صحافي، عالم ۽ اديب علي نواز ‘وفائي’، 24 مئي 1925ع تي سکر ۾ سنڌ جي بلند پايه صحافي، عالم ۽ اديب مولانا دين محمد وفائيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن سموري تعليم ڪراچيءَ ۾ پرائي. پنهنجي والد ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جي اثر هيٺ سندس علمي ادبي پرورش ٿي. هن پنهنجي عملي زندگي جو آغاز 1942ع کان صحافت جي ميدان ۾ ڪيو. مختلف اخبارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. اڳتي هلي ڪراچيءَ مان هفتيوار اخبار ‘آزاد ’ جاري ڪيائين. سڄي زندگي سماجي براين خلاف ماڻهن ۾ شعوري سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي قلم کي بهادريءَ سان استعمال ڪيو. مختلف موضوعن تي لکيل سندس مضمون سنڌ مان نڪرندڙ ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڇپجندا هئا، جيڪي ڏاڍ ۽ جبر خلاف هوندا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيام بعد ان ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ڄام صادق عليءَ جي حڪومت دوران وزيراعليٰ جو صلاحڪار رهيو. هي سنڌ مدرسته الاسلام جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ رهيو. هو ‘آزادي’ ۽ ‘توحيد’ اخبارن جو ايڊيٽر رهيو. سندس ڪتابن ۾ ‘يادگار مولانا دين محمد وفائي’ (سوانح حيات)، ‘رتيءَ جي رهاڻ’، ‘پلئه پايو سچ’، ‘وفائيءَ جا خط’ ۽ ‘ٻه ڪوڙ’ وغيره شامل آهن. هن 28 مئي 2000ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي گِزري قبرستان ۾ دفنايو ويو. کيس پنجن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو. سندس پٽ سليم وفائي مشهور بينڪر آهي. باقي اولاد ملڪ کان ٻاهر رهي ٿو.
1925.05.24 عيسوي
صحافي، عالم ۽ اديب علي نواز ‘وفائي’، 24 مئي 1925ع تي سکر ۾ سنڌ جي بلند پايه صحافي، عالم ۽ اديب مولانا دين محمد وفائيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
2000.05.28 عيسوي
علي نواز وفائي 28 مئي 2000ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي گِزري قبرستان ۾ دفنايو ويو.