ڏاهري، علي نواز

ڏاهري، علي نواز

علي نواز ڏاهري

علي نواز ڏاهري : شاعر ۽ اديب نواز ڏاهريءَ جو پورو نالو علي نواز ولد محمد بچل ڏاهري آهي. هن پهرين مارچ 1966ع تي ڳوٺ ڄام ڏاهريءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ ايم.اي آهي. 1983ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. سندس شاعري توڙي نثري لکڻيون ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو 1980ع کان ميمبر آهي. عملي زندگيءَ ۾ واپڊا ۾ ملازمت آهي. کيس نوابشاھہ ۾ حمل فقير صدسالا جشن جي موقعي تي ’حمل فقير اوارڊ‘ ملي چڪو آهي. علي نواز ڏاهريءَ جو هڪ شعري مجموعو ’ڪينجهر مٿي چنڊ‘ 2013ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.03.01  عيسوي

شاعر ۽ اديب نواز ڏاهريءَ جو پورو نالو علي نواز ولد محمد بچل ڏاهري آهي. هن پهرين مارچ 1966ع تي ڳوٺ ڄام ڏاهريءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائي ڌرمداس
پريم پتافي
جويو خاڪي
احمد بخش بدوي
راشدي سيد محمد سليم شاھہ
ڪشنچند بيوس
علي آڪاش
ٻڍل لاشاري
آثم ناٿن شاهي
عنايت ﷲ چوڍو فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون