علي ڏنو ’عاجز‘ لنڊ
علي ڏنو ’عاجز‘ لنڊ: شاعر، اديب، خطاط ۽ عالم حاجي علي ڏنو عرف علي محمد لنڊ 1947ع ڌاري ڳوٺ حاجي نبي بخش ڀرڳڙي، ضلعي بدين ۾ امير بخش خان لنڊ جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پڙهڻ بعد مدرسه النعيمي ڪوڏاري، ٺٽي ۾ وقت جي وڏن عالمن وٽان قرآن شريف سان گڏ ٻين ديني علمن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. شاعرن ۽ عالمن جي صحبت جو مٿس گهرو اثر ٿيو، جنهن سبب سندس لاڙو علم ۽ ادب طرف ٿيو. ديني توڙي ادبي ڪتابن جو وسيع مطالعو ڪيو اٿس. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ خطباب علي (شاعري)، نوري خطبات (شاعري)، روحاني خطبات (شاعري)، مرڪ تنهنجي جو قسم (شاعري)، پڪاري پئي دل (شاعري)، انوار غزل (شاعري)، مواعظ مصطفيٰ (نثر) ۽ اسرار السالڪين (نثر) شامل آهن.
هن شاهه لطيف جو رسالو پڻ هٿ اکر نقل ڪيو آهي، جڏهن ته خطاطيءَ جي ڪم ۾ پڻ پاڻ مڃايو اٿس. قرآن مجيد جو قلمي نسخو بهترين خطاطيءَ ۾ لکي مڪمل ڪيو اٿس. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ سردار سچا سرور (شاعري) غريبن جي پارت اٿئي (شاعري)، روحاني خطبات (نثر ۽ نظم)، نوراني واعظ (نثر)، قرآن پاڪ جو قلمي نسخو ۽ شاهه لطيف جو رسالو (قلمي) شامل آهن. سندس اڪثر شاعري اصلاحي آهي. پاڻ 1975ع ۾ حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي اٿس. هن وقت ڳوٺ حاجي هاشم خاصخيلي ضلعي بدين ۾ رهائش پذير آهي.