علي گوهر خان ’صوفي‘: صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جو نامور شاعر نواب علي گوهر خان ولد نواب جان محمد خان (اول) جو تعلق تاجپور جي مشهور لغاري خاندان سان هو. پاڻ وقت جي اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. طريقت جي راهه ڏانهن مائل هو ۽ جهوڪ وارن صاحبن جو مريد هو. پاڻ کي گوهر علي نالي سان سڏايائين ۽ صوفي تخلص ڪيائين. اوائل ۾ بيراهن ۽ مخالفن خلاف ردلخبيث نالي رسالو منظوم ڪيائين. حال توڙي قال ۾ وڏي منزل کي پهتو، پنهنجي وقت جو صوفي قادري طريقي جو ڪامل درويش هو. علي گوهر ‘صوفي’ جي فقط سنڌي شاعري ڪجهه بيت ۽ ڪافي ملي آهي، جنهن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو چڱو شاعر هو. هن ٻي وڌيڪ شاعري به ضرور ڪئي هوندي، جيڪا هاڻي اڻ لڀ ٿي وئي آهي. سندس شاعري اسلوب، فني سٽاءَ ۾ بيان جي لحاظ سان سٺي آهي. سندس شاعريءَ جو نمونو هتي پيش ڪجي ٿو:
ڪا جا روح رهاڻ ميان عمر! منهنجي هينئڙي ڪا جا روح رها
وسريم تان نه ولهار وٿاڻ، مارن ساڻ، ڪا جا روح رهاڻ.
پيرون پٽن چونڊيان، ڏارن ڏونئرن ساڻ، ڪا جا روح رهاڻ.
ڍاٽي اٺ ڊينگڙ ڊونڊا، پٽ تي پهرن پنهورن پاڻ، ڪا جا روح رهاڻ.