
علي گوهر خان مهر
علي گوهر خان مھر (ثاني): نامور سياستدان علي گوهر خان ولد علي انور علي خان مھر جو تعلق گهوٽڪيءَ جي مھر سردار گهراڻي سان آهي. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ کيس صادق پبلڪ اسڪول بھاولپور ۾ داخل ڪيو ويو. جتان هن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هن کي سردار غلام محمد مھر سياسي ميدان ۾ آندو، جو پاڻ سندس ڀائٽيو هو. هن بہ ملڪي توڙي غير ملڪي حڪمرانن سان سٺا ۽ گهرا تعلق رکيا. 1993ع ۾ تعلقي گهوٽڪيءَ واري تڪ تان ميمبر چونڊيو ويو. هن تڪ جي ماڻهن جا ڪم ڪري سٺو نالو ڪمايو. سردار غلام محمد مھر جي وفات کانپوءِ راڄن جا فيصلا پاڻ ڪندو هو. جيئن تہ سردار غلام محمد مھر جو وڏو پٽ 1987ع ۾ ڄائو هو. غلام محمد جي وفات مھل هو ننڍو ۽ طالب علم هو، ان ڪري سڄو ڪم ڪار علي گوهر جي مٿان هوندو هو. 1997ع وارين چونڊن ۾ هي ٻيهر گهوٽڪيءَ واري تڪ تان ڪامياب ٿيو. صدر جنرل پرويز مشرف جلد ئي اسيمبليون ٽوڙي 2001ع ۾ نيون بلدياتي چونڊون منعقد ڪرايون تہ پاڻ گهوٽڪي ضلعي جي لوڪل بورڊ جو چيئرمئن چونڊيو.