علي گوهر خان مهر (اول)

علي گوهر خان مهر (اول)

علي گوهر خان مھر اول

علي گوهر خان مھر (اول): سردار علي گوهر (اول) ولد سردار حاجي خان 1890ع ڌاري خانڳڙھہ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. 1931ع ۾ سندس والد گذاري ويو تہ راڄ ڀاڳ جون ذميواريون مٿس پيون. 1933ع ۾ لوڪل بورڊ ميرپور ماٿيلي جو صدر چونڊيو ويو. سياست ۾ سندس استاد مشھور سياستدان قيصر خان بوزدار هو. 1942ع ۽ 1946ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي گهوٽڪيءَ مان ڪامياب ٿيو. 1953ع ۾ مغربي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبر ٿيو ۽ جنرل ايوب خان جي مارشل لا تائين ميمبر رهيو. پنھنجي استاد وانگر هي بہ سدائين حڪومت ۾ شامل هوندو هو، جو حڪمران طبقي سان سٺا تعلقات رکندو هو. صدر ايوب سان دوستي هوندي هيس. جڏهن بيمار ٿيو تہ صدر ايوب کيس اسپتال ۾ پڇڻ آيو. علي گوهر مھر جي وڏي ڏاڏي الھہ ورائي خان کي مغلن طرفان ميرپور ماٿيلي ۾ جاگير ڏني وئي. وري ڪلهوڙن جي دور ۾ کين ڪافي زمينون بخشش ۾ مليون. انگريزن جي وقت ۾ سندس ڏاڏي سردار محمد بخش خان کي وائسراءِ هند طرفان ٻين انعامن سان گڏ هڪ بندوق بہ انعام ۾ ملي هئي. کيس ڪو بہ اولاد ڪونه ٿيو ۽ پاڻ 1962ع ۾ وفات ڪري ويو. کانئس پوءِ سندس سئوٽ غلام محمد خان مھر کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو