علي گوهر فقير: مشهور شاعر علي گوهر فقير ولد فولاد فقير شر، ڳوٺ مينگهو فقير شر، تعلقي ٺري ميرواهه ۾ سن 1918ع ۾ ڄائو ۽ نامور رندي رمز رکندڙ فولاد فقير (وفات 10 جون1967ع) جي مسند کي سهڻو ڪري سينگاري رکيائين. صوفي طريقو رکندڙ سمجهه ۽ ڄاڻ وارو فقير هو. ڇهه سئو کن ڪلام ۽ ٽي هزار کن بيت ۽ مثنوي اشعار چيا اٿس، جن ۾ اعليٰ فڪر ۽ انوکي خيال جا نقطا سمايل آهن. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
پڃري آدم دا مالڪ مئن هون، ماريم طبل خدائي دا،
لامڪان دا تخت بنايم،ڪرسي عرش نون پڇين ٺهوايم،
وحدت ڪثرت ڏونهين رلايم،ذاتي ذوق ضيائي دا.