علي ڳڙهه تحريڪ

علي ڳڙهه تحريڪ: هن تحريڪ جو بنياد آزادي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ نامور عالم سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان 1859ع ڌاري علي ڳڙهه ۾ رکيو. سال 1857ع جي ناڪام تحريڪ آزاديءَ کان پوءِ، هندستان جا مسلمان گهڻو پوئتي پئجي ويا. ان ڪري علي ڳڙهه تحريڪ جو بنياد رکيو ويو. علي ڳڙهه تحريڪ جي شروعات مسلمانن ۾ جديد تعليم جي اشاعت واري مقصد سان ٿي. هن تحريڪ جي تعليمي مقصدن جي سلسلي ۾ سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان 1859ع ۾ مراد آباد ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. 1864ع ۾ غازي پور اسڪول جو بنياد وڌائين، جنهن سبب مسلمانن ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا ٿيو. سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان هن تحريڪ جي پليٽ فارم تان 1875ع ڌاري علي ڳڙهه ۾ محمدن ائنگلو اورئنٽل ڪاليج جو بنياد وڌو جيڪو مدرسة العلوم علي ڳڙهه جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اڳتي هلي يونيورسٽي جو درجو ماڻيائين.
علي ڳڙهه تحريڪ نهايت جامع ۽ وسيع مقصدن واري هئي اهو ئي سبب هو جو هن تحريڪ جا هندستان جي سياست تي اڻ مٽ اثر پيا. جنهن سبب برصغير جي تقسيم ۽ آزادي جي صورت ۾ نتيجا مليا. هن تحريڪ ذريعي مسلمانن ۾ شعور پيدا ٿيو ۽ انهن ۾ قوميت ۽ الڳ تشخص جو احساس پيدا ٿيو.
جڏهن هندستان ۾ ٻه قومي نظريي تحت مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ جو مطالبو ٿيو ته، علي ڳڙهه تحريڪ ان جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي شاگردن آڪٽوبر 1939ع ۾ ڪانگريس جي مسلمان دشمن پاليسين جي سخت مذمت ڪئي. 1941ع جي اجلاس ۾ يونيورسٽيءَ جي ‘مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ مسلمانن جي الڳ مملڪت جي مطالبي کي منظور ڪيو. علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ اجلاسن وغيره جون رپورٽون مسلم ليگ جي سيڪريٽري لياقت علي خان کي موڪليون وينديون هيون. علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي هڪ اجلاس ۾ قائد اعظم خاص مهمان طور شرڪت به ڪئي. هن تحريڪ جي پليٽ فارم تان وطن جي آزادي ۽ انگريزن جي نيڪالي خلاف مهم هلائي وئي. هيءَ تحريڪ پاڪستان جي آزادي تائين عروج تي رهي.


لفظ علي ڳڙهه تحريڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو