علي ڳڙهه قلعو

علي ڳڙهه (قلعو): ٿر کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ، ميرن ٿر ۾ قلعا ٺهرائڻ شروع ڪيا. مٺيءَ ۾ سن 1789ع ۾ ’فتح ڳڙهه‘ ۽ سن 1795ع ۾ ’اسلام ڳڙهه‘ نالي 2 قلعا جُڙي راس ٿيا. انهن قلعن جي ٺهڻ ڪري مٺيءَ ۽ ان جي ڏکڻ- اوڀر وارن حصن ۾ سوڍن جو زور گهٽجي ويو، ته انهن وري اتر اوڀر وارن ڳوٺڙن ۾ گوڙ مچائي ڏنو. انهن کي مڃائڻ لاءِ مير فتح علي خان چيلهار، چيلي چارڻ جي ٻڌايل ڳوٺڙي ۾ هڪ قلعو ٺهرايو. اهو قلعو سن 1800ع ۾ ٺهي راس ٿيو. قلعي جو نالو ’علي ڳڙهه‘ رکيو ويو ۽ چيلهار جو ڳوٺڙو به ’علي ڳڙهه‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. قلعي ٺهي راس ٿيڻ ۾ هڪ سال لڳي ويو. چيو وڃي ٿو ته مٿس اٽڪل اٺ لک روپيا خرچ آيو.
قلعو ڏاڍو مضبوط ٺهيل هو. ان جون ديوارون 25 فوٽ کن اوچيون ۽ 6 فوٽ کن ٿلهيون هيون، جن جي ٻنهي پاسن کان پڪيون سرون لڳل هيون ۽ وچ ۾ مٽي ڀريل هئي. علي ڳڙهه جا نشان اٽڪل 80x1000 چورس فوٽن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مڪاني باشندن جو چوڻ آهي ته 80 سال کن اڳ قلعي جون اتر ۽ اوڀر واريون ڀتيون اڌ ڀڳل حالت ۾ بيٺل هيون، جي لڳاتار برساتن پوڻ ڪري ڊهي اچي پٽ پيون. قلعي ۾ اناج رکڻ لاءِ هڪ وڏي ڪوٺي ٺهيل هئي. مڪاني باشندن کان اها به روايت آهي ته سؤ سال کن اڳ قلعي جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ سڙيل اناج جو ننڍڙو ذخيرو ڏٺو ويو هو.
علي ڳڙهه جو قلعو، فتح ڳڙهه ۽ اسلام ڳڙهه ۽ نئين ڪوٽ کان ننڍو، ۽ کڏي ۽ سينگارئي وغيره ۾ ٺهرايل قلعن جيڏو هو. منجهس سؤ کن سپاهي ۽ ٻه عملدار رهندا هئا، جي علي ڳڙهه جي رهاڪن کي سوڍن جي امن سوز حرڪتن کان بچائيندا هئا. سوڍا ٽوليون ٺاهي ننڍڙن ڳوٺڙن ۾ وڃي ڦرمار ڪندا هئا. هڪڙيءَ روايت موجب، سوڍن علي ڳڙهه قلعي تي به ڪاهيو. روايت هيٺين موجب آهي: “سنبت 1872 مطابق 1815ع، ۾ سوڍن ‘راوت ’ سوڍي جي اڳواڻيءَ هيٺ قلعي تي ڪاهه ڪئي. هڪ عملدار ۽ ٿورن سپاهين کي ماري وڌائون. ڪجهه سامان وغيره ڦري ويا ۽ وڃي آسپاس جي جهنگلن ۾ لڪا. ٿوري وقت کانپوءِ ميرن جا ماڻهو راوت ۽ سندس ساٿين کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ راوت کي ماري ڇڏيائون. انهيءَ ڏهڪاءَ جي ڪري ڀرسان رهندڙ ڳوٺڙن ۾ جيڪي ٺڪر وغيره رهندا هئا، سي به ميرن جا تابعدار ٿي ويا. مسٽر رائچند پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”اسلام ڪوٽ، چيلهار ۽ نئين ڪوٽ جي قلعن ۾ ٿر جا سوڍا رهندا هئا، جي ميرن جا تابعدار هئا.“ مٿين حقيقت ڪيتريقدر سچي آهي، تنهن بابت ڪجهه به خاطريءَ سان نٿو چئي سگهجي. البت اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اسلام ڪوٽ جي قلعي ۾ 1843ع کان پوءِ چئنسگهه نالي هڪ ٺڪر پنهنجن ماڻهن سان ڪجهه وقت جي لاءِ رهندو هو. چئنسنگهه کي انگريز سرڪار هڪ ننڍڙي جاگير ڏني هئي، جا اڄ به سندس پوين جي هٿ ۾ آهي. سنڌ جي فتح کان اڳ ۾ سوڍن جو ٿر جي قلعن ۾ رهڻ، جيڪي سندن ئي زور ڀڃڻ لاءِ ٺهرايا ويا هئا، تاريخي نقطه نگاهه کان حقيقت جي ابتڙ آهي.علي ڳڙهه ۾ هڪ نائب ڪاردار به رهندو هو، جو ڍلن اڳاڙڻ لاءِ ذميوار هو. سنڌ جا مير زمين جي پيدائش جو 5/2 حصو وٺندا هئا، ۽ مڪاني سردارن کي چار آنا ٻنيءَ پويان ڏيندا هئا. قلعي ۾ بارود به رکيل هو. علي ڳڙهه ۽ ڪن ٻين قلعن مان لوهه جا بال جيڏا گولا، اٽڪل ٽيهه سير کن تور جا، لڌا ويا آهن. اهي گولا هينئر مڪاني جوانن لاءِ طاقت آزمائيءَ جو ڪم ڏين ٿا. سپاهين کي پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ قلعي ۾ هڪ کوهه کوٽايو ويو هو، جو اڄ به ڏسي سگهجي ٿو. مسٽر محمد اسماعيل عرساڻي ‘سير ريگستان’ ۾ علي ڳڙهه بابت فقط ايترو لکيو آهي ته ”کڏي ۽ سينگارئي کانپوءِ، سن 1800ع ۾، چيلهار ۾ هڪ قلعو ٺهيو.“
رائچند هريجن به ’تاريخ ريگستان‘۾ علي ڳڙهه جو ڪو خاطر خواهه بيان نه ڏنو آهي: البت روزانه ’مهراڻ‘ جي سالگرهه نمبر (مورخ 16 نومبر 58ع) ۾، ’ٿر ۾ ميرن جا قلعا‘ جي سري هيٺ، هن ڪجهه تفصيل سان بيان ڏنو آهي: ”اڄ به علي ڳڙهه قلعي جا نشان چيلهار ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جو مٺيءَ کان 20 ميل پري آهي. قلعي ۾ هاڻي پرائمري اسڪول ۽ انگلش ڪلاس پڻ هلندڙ آهن ۽ رهندڙن ۾ اڪثريت هندن جي آهي. “


هن صفحي کي شيئر ڪريو