علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي
علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي: علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جي شروعات سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان، محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج کان 1875ع ۾ ڪئي. اهو ڪاليج اڳتي هلي 1920ع ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جي درجي تي پهتو. هن يونيورسٽيءَ جو اهم ڪيمپس علي ڳڙهه ۾ آهي. هي يونيورسٽي 467.6 هيڪٽرن تي ڦهليل آهي، جتي 300 مختلف تعليمي ڪورس ڪرايا وڃن ٿا، جيڪي قديم ثقافتي ۽ جديد علمن تي مشتمل ٿين ٿا. هن يونيورسٽيءَ جا ڪيرالا، مرشدآباد ۽ بهار ۾ به سينٽر آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ هر ذات ۽ هر مذهب جا ماڻهو پڙهن ٿا.
پاڪستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ هن يونيورسٽيءَ وڌ ۾ وڌ حصو ورتو. سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جي خيال ۾ آيو ته، مسلمان جيستائين انگريزي ۽ جديد سائنسي علمَ حاصل نه ڪندا، ته هو اڳتي وڌي نه سگهندا. هن کي اهڙو خيال تڏهن آيو، جڏهن هن آڪسفرڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽين جو دورو ڪيو. اتان متاثر ٿي اچڻ تي سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان سندس ئي قائم ٿيل اداري مدرسة العلوم مسلمانانِ هند کي محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج جي صورت ڏني.
هن يونيورسٽيءَ کي قائم ڪرڻ لاءِ وائسراءِ هند نارٿ بروڪ ڏهن هزارن جو، ۽ گورنر 1000 روپين جو چندو ڏنو هو. اهڙي نموني هيءَ يونيورسٽي 153492 روپين جي ماليت سان شروع ڪئي وئي هئي. شروع ۾ ڪاليج ڪلڪتي يونيورسٽيءَ سان الحاق ۾ هو، جتان ميٽرڪ جو امتحان ڏبو هو، پر پوءِ ڪاليج جو 1885ع ۾ الهه آباد يونيورسٽيءَ سان الحاق جوڙيو ويو. 1900ع ڌاري سوچيو ويو ته هن ڪاليج کي پنهنجي الڳ ٿلڳ يونيورسٽي هجڻ گهرجي. ان لاءِ 1920ع ۾‘علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ايڪٽ’ پاس ڪيو ويو. هن يونيورسٽي ٺاهڻ ۾ هز هائينس محمد علي محمد خان ۽ آغا خان ٽئين وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهن ماڻهن سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جي فنڊن گڏ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.
اهڙي نموني 1927ع ۾ نابينن جي تعليم لاءِ اسڪول کوليو ويو، جڏهن ته 1928ع ۾ يونيورسٽيءَ طرفان ميڊيڪل ڪاليج کوليو ويو. 1930ع جي پڇاڙيءَ ۾ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ فيڪلٽي کولي وئي. 1939ع کان اڳ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ استاد ‘آل انڊيا نيشنلسٽ موومينٽ’ ۾ شامل ٿي ويا.
1939ع کان پوءِ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ طرفان مسلمانن طرفان ڌار ملڪ ٺاهڻ واري تحريڪ هلي، جنهن محمد علي جناح جي خيالن کي هٿي ڏني. جنهن ڪري يونيورسٽي پاڪستان موومينٽ جو حصو بنجي وئي.
هن وقت علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ 13 فيڪلٽيون آهن، جڏهن ته 7 الحاقي ڪاليج، 15 سينٽر، 3 الحاقي انسٽيٽيوٽ ۽ 10 الحاقي اسڪول آهن. تازو يونيورسٽيءَ انٽرنيشنل اسٽڊيءَ جي فيڪلٽي به کولي آهي.
بين الاقوامي طور هيءَ يونيورسٽي بهترين ساک رکي ٿي. هن يونيورسٽيءَ جا پڙهيل عليگ سڏجن ٿا. هندستان جو ٽيون صدر ذاڪر حسين به هتان جو پڙهيل هو، ان کان سواءِ خان عبدالغفار خان، شيخ عبدالله وغيره به هتان جا پڙهيل آهن.