علي ڳڙھہ تحريڪ

علي ڳڙھہ تحريڪ: هن تحريڪ جو بنياد آزادي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ نامور عالم سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان 1859ع ڌاري علي ڳڙھہ ۾ رکيو. سال 1857ع جي ناڪام تحريڪ آزاديءَ کان پوءِ، هندستان جا مسلمان گهڻو پوئتي پئجي ويا. ان ڪري علي ڳڙھہ تحريڪ جو بنياد رکيو ويو. علي ڳڙھہ تحريڪ جي شروعات مسلمانن ۾ جديد تعليم جي اشاعت واري مقصد سان ٿي. هن تحريڪ جي تعليمي مقصدن جي سلسلي ۾ سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان 1859ع ۾ مراد آباد ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. 1864ع ۾ غازي پور اسڪول جو بنياد وڌائين، جنهن سبب مسلمانن ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا ٿيو. سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان هن تحريڪ جي پليٽ فارم تان 1875ع ڌاري علي ڳڙھہ ۾ محمدن ائنگلو اورئنٽل ڪاليج جو بنياد وڌو جيڪو مدرسة العلوم علي ڳڙھہ جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ اڳتي هلي يونيورسٽي جو درجو ماڻيائين.
علي ڳڙھہ تحريڪ نهايت جامع ۽ وسيع مقصدن واري هئي اهو ئي سبب هو جو هن تحريڪ جا هندستان جي سياست تي اڻ مٽ اثر پيا. جنهن سبب برصغير جي تقسيم ۽ آزادي جي صورت ۾ نتيجا مليا. هن تحريڪ ذريعي مسلمانن ۾ شعور پيدا ٿيو ۽ انهن ۾ قوميت ۽ الڳ تشخص جو احساس پيدا ٿيو.
جڏهن هندستان ۾ ٻہ قومي نظريي تحت مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ جو مطالبو ٿيو ته، علي ڳڙھہ تحريڪ ان جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي شاگردن آڪٽوبر 1939ع ۾ ڪانگريس جي مسلمان دشمن پاليسين جي سخت مذمت ڪئي. 1941ع جي اجلاس ۾ يونيورسٽيءَ جي ‘مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ مسلمانن جي الڳ مملڪت جي مطالبي کي منظور ڪيو. علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ اجلاسن وغيرہ جون رپورٽون مسلم ليگ جي سيڪريٽري لياقت علي خان کي موڪليون وينديون هيون. علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي هڪ اجلاس ۾ قائد اعظم خاص مهمان طور شرڪت بہ ڪئي. هن تحريڪ جي پليٽ فارم تان وطن جي آزادي ۽ انگريزن جي نيڪالي خلاف مھم هلائي وئي. هيءَ تحريڪ پاڪستان جي آزادي تائين عروج تي رهي.


لفظ علي ڳڙھہ تحريڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو