علي ڳڙھہ قلعو

علي ڳڙھہ (قلعو): ٿر کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ، ميرن ٿر ۾ قلعا ٺهرائڻ شروع ڪيا. مٺيءَ ۾ سن 1789ع ۾ ’فتح ڳڙھہ‘ ۽ سن 1795ع ۾ ’اسلام ڳڙھہ‘ نالي 2 قلعا جُڙي راس ٿيا. انهن قلعن جي ٺھڻ ڪري مٺيءَ ۽ ان جي ڏکڻ- اوڀر وارن حصن ۾ سوڍن جو زور گهٽجي ويو، تہ انهن وري اتر اوڀر وارن ڳوٺڙن ۾ گوڙ مچائي ڏنو. انهن کي مڃائڻ لاءِ مير فتح علي خان چيلهار، چيلي چارڻ جي ٻڌايل ڳوٺڙي ۾ هڪ قلعو ٺهرايو. اهو قلعو سن 1800ع ۾ ٺھي راس ٿيو. قلعي جو نالو ’علي ڳڙھہ‘ رکيو ويو ۽ چيلهار جو ڳوٺڙو بہ ’علي ڳڙھہ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. قلعي ٺھي راس ٿيڻ ۾ هڪ سال لڳي ويو. چيو وڃي ٿو تہ مٿس اٽڪل اٺ لک روپيا خرچ آيو.
قلعو ڏاڍو مضبوط ٺهيل هو. ان جون ديوارون 25 فوٽ کن اوچيون ۽ 6 فوٽ کن ٿلهيون هيون، جن جي ٻنهي پاسن کان پڪيون سرون لڳل هيون ۽ وچ ۾ مٽي ڀريل هئي. علي ڳڙھہ جا نشان اٽڪل 80x1000 چورس فوٽن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مڪاني باشندن جو چوڻ آهي تہ 80 سال کن اڳ قلعي جون اتر ۽ اوڀر واريون ڀتيون اڌ ڀڳل حالت ۾ بيٺل هيون، جي لڳاتار برساتن پوڻ ڪري ڊهي اچي پٽ پيون. قلعي ۾ اناج رکڻ لاءِ هڪ وڏي ڪوٺي ٺهيل هئي. مڪاني باشندن کان اها بہ روايت آهي تہ سؤ سال کن اڳ قلعي جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ سڙيل اناج جو ننڍڙو ذخيرو ڏٺو ويو هو.
علي ڳڙھہ جو قلعو، فتح ڳڙھہ ۽ اسلام ڳڙھہ ۽ نئين ڪوٽ کان ننڍو، ۽ کڏي ۽ سينگارئي وغيرہ ۾ ٺهرايل قلعن جيڏو هو. منجهس سؤ کن سپاهي ۽ ٻہ عملدار رهندا هئا، جي علي ڳڙھہ جي رهاڪن کي سوڍن جي امن سوز حرڪتن کان بچائيندا هئا. سوڍا ٽوليون ٺاهي ننڍڙن ڳوٺڙن ۾ وڃي ڦرمار ڪندا هئا. هڪڙيءَ روايت موجب، سوڍن علي ڳڙھہ قلعي تي بہ ڪاهيو. روايت هيٺين موجب آهي: “سنبت 1872 مطابق 1815ع، ۾ سوڍن ‘راوت ’ سوڍي جي اڳواڻيءَ هيٺ قلعي تي ڪاھہ ڪئي. هڪ عملدار ۽ ٿورن سپاهين کي ماري وڌائون. ڪجهہ سامان وغيرہ ڦري ويا ۽ وڃي آسپاس جي جهنگلن ۾ لڪا. ٿوري وقت کانپوءِ ميرن جا ماڻهو راوت ۽ سندس ساٿين کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ راوت کي ماري ڇڏيائون. انهيءَ ڏهڪاءَ جي ڪري ڀرسان رهندڙ ڳوٺڙن ۾ جيڪي ٺڪر وغيرہ رهندا هئا، سي بہ ميرن جا تابعدار ٿي ويا. مسٽر رائچند پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ ”اسلام ڪوٽ، چيلهار ۽ نئين ڪوٽ جي قلعن ۾ ٿر جا سوڍا رهندا هئا، جي ميرن جا تابعدار هئا.“ مٿين حقيقت ڪيتريقدر سچي آهي، تنهن بابت ڪجهہ بہ خاطريءَ سان نٿو چئي سگهجي. البت اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو تہ اسلام ڪوٽ جي قلعي ۾ 1843ع کان پوءِ چئنسگهہ نالي هڪ ٺڪر پنهنجن ماڻهن سان ڪجهہ وقت جي لاءِ رهندو هو. چئنسنگهہ کي انگريز سرڪار هڪ ننڍڙي جاگير ڏني هئي، جا اڄ بہ سندس پوين جي هٿ ۾ آهي. سنڌ جي فتح کان اڳ ۾ سوڍن جو ٿر جي قلعن ۾ رهڻ، جيڪي سندن ئي زور ڀڃڻ لاءِ ٺهرايا ويا هئا، تاريخي نقطہ نگاھہ کان حقيقت جي ابتڙ آهي.علي ڳڙھہ ۾ هڪ نائب ڪاردار بہ رهندو هو، جو ڍلن اڳاڙڻ لاءِ ذميوار هو. سنڌ جا مير زمين جي پيدائش جو 5/2 حصو وٺندا هئا، ۽ مڪاني سردارن کي چار آنا ٻنيءَ پويان ڏيندا هئا. قلعي ۾ بارود بہ رکيل هو. علي ڳڙھہ ۽ ڪن ٻين قلعن مان لوھہ جا بال جيڏا گولا، اٽڪل ٽيھہ سير کن تور جا، لڌا ويا آهن. اهي گولا هينئر مڪاني جوانن لاءِ طاقت آزمائيءَ جو ڪم ڏين ٿا. سپاهين کي پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ قلعي ۾ هڪ کوھہ کوٽايو ويو هو، جو اڄ بہ ڏسي سگهجي ٿو. مسٽر محمد اسماعيل عرساڻي ‘سير ريگستان’ ۾ علي ڳڙھہ بابت فقط ايترو لکيو آهي تہ ”کڏي ۽ سينگارئي کانپوءِ، سن 1800ع ۾، چيلهار ۾ هڪ قلعو ٺهيو.“
رائچند هريجن بہ ’تاريخ ريگستان‘۾ علي ڳڙھہ جو ڪو خاطر خواھہ بيان نہ ڏنو آهي: البت روزانہ ’مهراڻ‘ جي سالگرھہ نمبر (مورخ 16 نومبر 58ع) ۾، ’ٿر ۾ ميرن جا قلعا‘ جي سري هيٺ، هن ڪجهہ تفصيل سان بيان ڏنو آهي: ”اڄ بہ علي ڳڙھہ قلعي جا نشان چيلهار ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جو مٺيءَ کان 20 ميل پري آهي. قلعي ۾ هاڻي پرائمري اسڪول ۽ انگلش ڪلاس پڻ هلندڙ آهن ۽ رهندڙن ۾ اڪثريت هندن جي آهي. “


هن صفحي کي شيئر ڪريو