عمادالملڪ نظام: جڏهن سنڌ تي ميان صادق علي خان ڪلهوڙي جي دور حڪومت ۾ ميان خان ڪلهوڙو'>عبدالنبي خان ڪلهوڙو، مدد خان پٺاڻ کي حملي ڪرڻ لاءِ وٺي آيو. تڏهن هن ظالم مدد خان پٺاڻ، سنڌ کي اهڙو تباهه ڪيو، جو صدين تائين ان جا اثر باقي رهيا. مدد خان هڪ ظالم ترين سردار هو، جنهن 1194هه/ 1780ع ۾ سنڌ پهچي، سڄيءَ سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. فارسي شاعرن هن جي وڃڻ تي هي ماده تاريخون چيون: ”اي داد از ظالم بيداديءِ منحوس“ 1194هه ”بشر بود رفت“ 1194هه اهو ئي زمانو هو، جڏهن عمادالملڪ غازي الدين نظام سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌ جي تباهي ۽ برباديءَ جا هولناڪ منظر اکين سان ڏسي ايتري قدر متاثر ٿيو، جو اهڙو ئي دردناڪ مرثيو چيائين، جهڙو شيخ سعدي بغداد جي برباديءَ تي چيو هو. اهو مڪمل فارسي ٻوليءَ ۾ چيل مرثيو سنڌي ترجمي سان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد اٺين ۾ صفحي 78 تي موجود آهي. عمادالملڪ مغل سلطنت جو وزير هو. هن جو اصل نالو مير شهاب الدين (خانبهادر، وزير الممالڪ عماد الملڪ، عمادالدوله، نصرت جنگ غازي خان ثالث) بن امير الامرا حافظ محمد پناهه بن خانبهادر نظام الملڪ آصف جاه اول (سلطنت آصفيه جو باني ۽ تخلص نظام هئس). هن مغل سلطنت ۾ رهي ڪري انهن کان بدلو وٺي کين تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، ڇو ته مغل بادشاهن زوري بنا ڪنهن جواز جي سلطنت آصفيه تي حملو ڪري قبضو ڪيو هو. 1194هه/ 1780ع تائين هي سورت ۾ هو ۽ حج ڪري واپس موٽيو ته سڌو وڃي سورت ۾ لٿو. پير حسام الدين راشدي ڄاڻائي ٿو ته هي 1195هه/ 1781ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ جڏهن هن سنڌ جي تباهيءَ جا دل ڏاريندڙ منظر ڏٺا ۽ ٻڌا، تڏهن بيتاب ٿي فارسي مرثيو چيائين. هن 76 سالن جي عمر ۾ 1215هه/ 1800ع ۾ وفات ڪئي.