عمار بن ياسر رضه

عمار بن ياسر رضه (اصحاب): رسول الله صلي الله عليه وسلم جو مشهور ۽ مقبول اصحابي سڳورو حضرت عمار بن ياسررضه قحطاني نسل جو هو. ان جو پيءُ ياسر هڪ گم ٿيل ڀاءُ جي ڳولها ڪندي مڪي آيو ۽ پوءِ اتي ئي رهي پيو. ان هڪ ٻانهي سمعيه سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس حضرت عمار رضه ڄائو. حضرت عمار رضه بالغ ٿيو ته پنهنجي ماءُ سان گڏجي رسول الله صه جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبولي ورتو. جيئن ته سندس ماءُ هڪ ٻانهي هئي، ان ڪري ان جي مالڪ مسلمان ٿيڻ ڪري مٿس تمام گهڻو ظلم ۽ تشدد ڪيو. نيٺ اسلام جي پڪي دشمن ابوجهل هن جي ماءُ کي ڀالو هڻي ماري وڌو ۽ اسلام جي تاريخ ۾ هي سڀ کان پهرين دردناڪ شهادت هئي، جيڪا پنهنجي ايمان تي مضبوط رهندي هڪ ٻانهي مسلمان عورت ڏني. حضرت عماررضه کي به حضرت بلال رضه وانگر تتل واريءَ تي ليٽائي گهليو ويو ۽ ٻيون به هر قسم جون اذيتون ڏنيون ويون، پر هو پنهنجي ايمان تي ثابت قدم رهيو. حضرت عمار رضه پاڻ ڪريمصه جن سان مڪي کان مديني شريف هجرت ڪئي. هن مسجد نبويءَ جي اڏاوت جو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪيو. پنهنجي هٿن سان ڪم ڪيو. سڀني غزون (جنگين) ۾ وڏي بهادريءَ سان وڙهيو. يمامه جي جنگ ۾ سندس هڪ ڪَن وڍجي ويو. 20 هجريءَ ۾ ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضه هن کي ڪوفي جو گورنر ڪيو ۽ نوَ مهينا خدمت سرانجام ڏنائين. حضرت عثمان رضه جي شهادت کان پوءِ حضرت علي رضه جي طرفان ڪوفي جو سفير ٿي ويو. جَمل ۽ صفين وارين جنگين ۾ حضرت علي رضه جي حمايت ڪيائين. حضرت عمار رضه گهڻو سادو، جفاڪشيءَ واري زندگي گذاريندڙ هو. ڪوفي جو گورنر هوندي بازار مان پنهنجو سودو سامان پاڻ وٺي پنهنجي پٺيءَ تي کڻي گهر ايندو هو. حضرت عمار رضه جي سهڻي اخلاق ۽ زهد و تقويٰ جي باري ۾ مختلف وقتن تي آيتون به لٿيون آهن. پاڻ حضور پاڪ صه جن جو مقبول اصحابي هو. پاڻ 91 سالن جي عمر ۾ صفين جي جنگ ۾ شهيد ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو