عمار بن ياسر رضي الله عنه (اصحاب): رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جو مشھور ۽ مقبول اصحابي سڳورو حضرت بن ياسر رضي الله عنه'>عمار بن ياسر رضي الله عنه قحطاني نسل جو هو. ان جو پيءُ ياسر هڪ گم ٿيل ڀاءُ جي ڳولها ڪندي مڪي آيو ۽ پوءِ اتي ئي رهي پيو. ان هڪ ٻانهي سمعيه سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس حضرت عمار رضي الله عنه ڄائو. حضرت عماررضي الله عنه بالغ ٿيو تہ پنھنجي ماءُ سان گڏجي رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبولي ورتو. جيئن تہ سندس ماءُ هڪ ٻانهي هئي، ان ڪري ان جي مالڪ مسلمان ٿيڻ ڪري مٿس تمام گهڻو ظلم ۽ تشدد ڪيو. نيٺ اسلام جي پڪي دشمن ابوجهل هن جي ماءُ کي ڀالو هڻي ماري وڌو ۽ اسلام جي تاريخ ۾ هي سڀ کان پهرين دردناڪ شهادت هئي، جيڪا پنھنجي ايمان تي مضبوط رهندي هڪ ٻانهي مسلمان عورت ڏني. حضرت عماررضي الله عنه کي بہ حضرت بلال رضي الله عنه وانگر تتل واريءَ تي ليٽائي گهليو ويو ۽ ٻيون بہ هر قسم جون اذيتون ڏنيون ويون، پر هو پنھنجي ايمان تي ثابت قدم رهيو. حضرت عمار رضي الله عنه پاڻ ڪريمصه جن سان مڪي کان مديني شريف هجرت ڪئي. هن مسجد نبويءَ جي اڏاوت جو ڪم پنھنجي هٿن سان ڪيو. پنھنجي هٿن سان ڪم ڪيو. سڀني غزون (جنگين) ۾ وڏي بهادريءَ سان وڙهيو. يمامه جي جنگ ۾ سندس هڪ ڪَن وڍجي ويو. 20 هجريءَ ۾ ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضي الله عنه هن کي ڪوفي جو گورنر ڪيو ۽ نوَ مهينا خدمت سرانجام ڏنائين. حضرت عثمان رضي الله عنه جي شهادت کان پوءِ حضرت علي رضي الله عنه جي طرفان ڪوفي جو سفير ٿي ويو. جَمل ۽ صفين وارين جنگين ۾ حضرت علي رضي الله عنه جي حمايت ڪيائين. حضرت عمار رضي الله عنه گهڻو سادو، جفاڪشيءَ واري زندگي گذاريندڙ هو. ڪوفي جو گورنر هوندي بازار مان پنهنجو سودو سامان پاڻ وٺي پنھنجي پٺيءَ تي کڻي گهر ايندو هو. حضرت عماررضي الله عنه جي سھڻي اخلاق ۽ زهد و تقويٰ جي باري ۾ مختلف وقتن تي آيتون بہ لٿيون آهن. پاڻ حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو مقبول اصحابي هو. پاڻ 91 سالن جي عمر ۾ صفين جي جنگ ۾ شھيد ٿيو.