عمار بن ياسر رضہ (اصحاب): رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جو مشھور ۽ مقبول اصحابي سڳورو حضرت عمار بن ياسررضه قحطاني نسل جو هو. ان جو پيءُ ياسر هڪ گم ٿيل ڀاءُ جي ڳولها ڪندي مڪي آيو ۽ پوءِ اتي ئي رهي پيو. ان هڪ ٻانهي سمعيه سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس حضرت عمار رضہ ڄائو. حضرت عمار رضہ بالغ ٿيو تہ پنھنجي ماءُ سان گڏجي رسول ﷲ صہ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبولي ورتو. جيئن تہ سندس ماءُ هڪ ٻانهي هئي، ان ڪري ان جي مالڪ مسلمان ٿيڻ ڪري مٿس تمام گهڻو ظلم ۽ تشدد ڪيو. نيٺ اسلام جي پڪي دشمن ابوجهل هن جي ماءُ کي ڀالو هڻي ماري وڌو ۽ اسلام جي تاريخ ۾ هي سڀ کان پهرين دردناڪ شهادت هئي، جيڪا پنھنجي ايمان تي مضبوط رهندي هڪ ٻانهي مسلمان عورت ڏني. حضرت عماررضه کي بہ حضرت بلال رضہ وانگر تتل واريءَ تي ليٽائي گهليو ويو ۽ ٻيون بہ هر قسم جون اذيتون ڏنيون ويون، پر هو پنھنجي ايمان تي ثابت قدم رهيو. حضرت عمار رضہ پاڻ ڪريمصه جن سان مڪي کان مديني شريف هجرت ڪئي. هن مسجد نبويءَ جي اڏاوت جو ڪم پنھنجي هٿن سان ڪيو. پنھنجي هٿن سان ڪم ڪيو. سڀني غزون (جنگين) ۾ وڏي بهادريءَ سان وڙهيو. يمامه جي جنگ ۾ سندس هڪ ڪَن وڍجي ويو. 20 هجريءَ ۾ ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضہ هن کي ڪوفي جو گورنر ڪيو ۽ نوَ مهينا خدمت سرانجام ڏنائين. حضرت عثمان رضہ جي شهادت کان پوءِ حضرت علي رضہ جي طرفان ڪوفي جو سفير ٿي ويو. جَمل ۽ صفين وارين جنگين ۾ حضرت علي رضہ جي حمايت ڪيائين. حضرت عمار رضہ گهڻو سادو، جفاڪشيءَ واري زندگي گذاريندڙ هو. ڪوفي جو گورنر هوندي بازار مان پنهنجو سودو سامان پاڻ وٺي پنھنجي پٺيءَ تي کڻي گهر ايندو هو. حضرت عمار رضہ جي سھڻي اخلاق ۽ زهد و تقويٰ جي باري ۾ مختلف وقتن تي آيتون بہ لٿيون آهن. پاڻ حضور پاڪ صہ جن جو مقبول اصحابي هو. پاڻ 91 سالن جي عمر ۾ صفين جي جنگ ۾ شھيد ٿيو.