عمان
عمان (Sultanate of Oman): عمان ٻيٽ عرب جي ڏکڻ اوڀر ڪناري تي آهي. هن جي اتر ۾ عمان نار- اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، ڏکڻ اولهه ۾ يمن، اولهه ۾ سعودي عرب ۽ اتر اولهه ۾ گڏيل عرب امارات آهن.
عمان جي گاديءَ جو هنڌ مسقط آهي. سرڪاري ٻولي عربي آهي. هتي انگريزي، اردو ۽ بلوچي به ڳالهايون وڃن ٿيون. هن جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 8 سيپٽمبر 1970ع آهي، گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمبرشپ 7 آڪٽوبر 1971ع تي ملي. هتان جي ڪرنسي عماني ريال آهي. هي اسلامي ملڪ آهي ۽ انتظامي طور تي 40 حصن ۾ ورهايل آهي. عمان جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهه 805 ڪلو ميٽر (500 ميل) ۽ اوڀر کان اولهه طرف ويڪر 644 ڪلوميٽر (400 ميل) آهي. ملڪ جي گهڻي ايراضي
ريگستاني ۽ سڌي جابلو آهي. عمان نار سان لاڳو ڪناري واري سنئين علائقي کي الباطنه چيو ويندو آهي. هي ملڪ جو وڏو زراعتي علائقو آهي. اترئين ڪناري وارو علائقو زرخيز آهي. مصيره ۽ ڪوريا موريا ٻيٽ به عمان جي ملڪيت آهن. يمن سان هن جي سرحد 310 ڪلو ميٽر (190 ميل) ملي ٿي. سامونڊي ڪناري جي ڊيگهه 2092 ڪلو ميٽر (1299 ميل) آهي. عمان جي ڪل پکيڙ 300000 چورس ڪلو ميٽر (115800 چورس ميل) آهي. هتان جي آبادي 3608545 آهي. عمان جي وڏن شهرن ۾ صلاله، والسيب، مطرح، نزوه، برڪار، السويق، مرباط، صحار، الخابوره، شناص، هوز ۽ آدم آهن. سڀ کان مٿاهون هنڌ الجبل الاخضر (بلندي 3018 ميٽر) آهي. هتان جي موسم گرم ۽ خشڪ رهندي آهي. ريگستاني علائقن جي موسم گهميل ۽ جابلو علائقن جي موسم گهڻو ڪري خوشگوار هوندي آهي.
عمان جي مکيه زرعي پيداوار ۾ کجور، ڀاڄيون، ڪڻڪ، ڪيلو، انب، برسيم ناريل، ڪمند، ڏاڙهون ۽ تماڪ وغيره شامل آهن. هتان جي مکيه صنعتن ۾ فوڊ پروسيسنگ، ماهيگيري، سيمينٽ، تيل جي صفائي وغيره جون صنعتون شامل آهن. مکيه معدنيات ۾ تيل، قدرتي گئس، ٽامو، ڪروم، نڪل، جست، لوهه، ماربل وغيره شامل آهن.
عمان ۾ 6 هوائي اڏا آهن، جن ۾ مسقط، صلام ۽ والسيب بين الاقوامي هوائي اڏا آهن. هتان جي قومي هوائي ڪمپنيءَ جو نالو ‘طيران الحماني’ آهي. عمان ۾ مسقط، مطره، مينا قابوس، رسخيوت ۽ مينا الفصل نالي 5 وڏا بندر آهن. عمان هڪ آزاد سلطنت آهي، جتي موروثي بادشاهت جو نظام قائم آهي. سلطان، رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ) حڪومت جو اڳواڻ، چيف ايگزيڪيوٽو ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر هوندو آهي. ڪابينا جي 25 ميمبرن جي مقرري ملڪ جو سلطان ڪندو آهي. ڪابينا جي گهڻي ڀاڱي ميمبرن جو تعلق سلطان جي خاندان سان هوندو آهي. 83 ميمبرن تي ٻڌل مشاورتي ڪائونسل کي عوام چونڊيندو آهي. عمان ۾ ڪو به آئين ۽ ڪا به پارليامينٽ ڪونهي، شريعت تي ٻڌل اسلامي قانون نافذ آهي. هن وقت عمان جو سلطان قبوس بن سعد السعد آهي. جيڪو هڪ ئي وقت ملڪ جو حڪمران، وزير اعظم پرڏيهي وزير ۽ هٿياربند فوج (زميني، هوائي ۽ سامونڊي) جو ڪمانڊر انچيف آهي. سلطان 41 ولايتن (گورنريٽس) جي گورنرن جي نامزدگي ڪندو آهي، جن کي والي (Wali) چيو ويندو آهي.