
عمرالدين بيدار
عمرالدين بيدار: سنڌ جي نامور شاعر، اديب ۽ صحافي عمرالدين ‘بيدار’ ولد محمد آچر سهتي، پهرين اپريل 1929ع ۾ ڳوٺ دليپوٽا، ضلعي نوابشاھہ ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڪي. سي اڪيڊمي ڀريا مان ورتي ۽ مئٽرڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول نوابشاھہ مان پاس ڪئي. وڌيڪ تعليم حيدرآباد جي سچل آرٽس ڪاليج ۽ مسلم ڪاليج مان حاصل ڪيائين. صحافت سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي، شروع ۾ رسالي ‘چڻنگ’ ۽ پوءِ ‘دعوت’ هفتيوار سکر جو ايڊيٽر رهيو. هن ڪجهہ وقت هلال پاڪستان جي نمائندي طور بہ ڪم ڪيو. ‘نواءِ سنڌ’ حيدرآباد کان پوءِ روزاني ‘مهراڻ’ ۾ وڏو عرصو سب ايڊيٽر رهيو ۽ اڳتي هلي پاڻ وري هلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن سان پڻ وابستہ رهي صحافتي ۽ ادبي خدمتون سر انجام ڏنائين. سٺ جي ڏهاڪي ۾ ‘بادل’ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو پوءِ عبدالحق عظيم کي ڏنائين جنهن ڪيترائي سال هلايو. 80- 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪجهہ عرصو ‘اديون’ رسالو پڻ سنڀاليائين. صحافتي خدمتن سان گڏ ڪيئي مضمون، مقالا، افسانا، ڪهاڻيون ۽ ننڍا ائڪٽ ڊراما بہ لکيائين ۽ گڏوگڏ هن ڪيترن اسڪولن ۾ پڻ تعليمي سرگرميون ۽ خدمتون جاري رکيون. هن کي شعر ۽ شاعريءَ سان بہ شوق هو ۽ سٺي شاعري بہ ڪيائين. غزل، گيت ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا آهن، جن ۾ ‘وساريا نہ وسرن’ (ناول: 1962ع)، ‘ماحول جي مهرباني’ (شاعري: 1962ع)، ‘ماهرو’ (ناول: 1967ع) وغيرہ شامل آهن. عمر الدين ‘بيدار’، 4 جنوري 2004ع تي وفات ڪئي.