عمرالدين زرداري
عمرالدين زرداري: مشهور قومپرست اڳواڻ، شاعر ۽ ٽوڙھي ڦاٽڪ ڪيس جو اسير، عمرالدين زرداري ولد مولانا نبي بخش، ڪڪڙ، ٻورڙي، تعلقي خيرپور ناٿن شاھه، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. مهراڻ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1983ع ۾ مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪيائين. ٽوڙھي ڦاٽڪ سانحي ۾ گرفتار ٿيل شاگردن گل محمد جکراڻي، خان قريشي'>بشير خان قريشي ۽ ٻين شاگردن سان عمرالدين زرداري پڻ گرفتار ٿيو ۽ کيس نارا جيل حيدرآباد ۾ رکيو ويو. عمرالدين عالمي سطح جي تاريخ تي دسترس رکندڙ ھو. کيس سنڌيءَ کان سواءِ انگريزي، عربي، فارسي، اردو ۽ سرائيڪي ٻولين تي دسترس حاصل هئي. عمرالدين سادو سودو حليم طبع رکندڙ شخص هو. آخر تائين جيئي سنڌ سان سلهاڙيل رهيو. هن پياري ڳوٺ اسٽيشن، دادو يونٽ جسقم تي عهديدار جي حيثيت ۾ 1997ع کان 2003ع ڪم ڪيو.
عمرالدين زرداري 13 مئي 2018ع تي وفات ڪئي. سندس تدفين 15 مئي 2018ع تي اباڻي ڳوٺ سهراب زرداري جي قبرستان ۾ ڪئي وئي.