عمران بن موسيٰ برمڪي (سنڌ جو 27هون گورنر: 221هه/ 836ع): بنو عباس جي دور ۾ سنڌ جو ڇويهون گورنر موسيٰ بن يحيٰ برمڪي منصوره ۾ وفات ڪري ويو. ساڳئي وقت بغداد ۾ خليفو مامون عباسي
به گذاري ويو هو ۽ سندس ڀاءُ معتصم بالله خليفو ٿيو. جنهن عمران بن موسيٰ برمڪيءَ کي سنڌ جو 27هون گورنر مقرر ڪيو. ايم. ايڇ. پنهور جي لکڻ موجب سنڌ ۾ انهيءَ دور ۾ نزاري ۽ يماني (يمني) عربن جي وچ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي هئي. ان کان سواءِ جتن ۽ ميدن به بغاوت ڪئي، جنهن ڪري انتطام ۾ ڪافي مونجهارا پيدا ٿي پيا. جنهن ڪري عمران کي جتن ۽ ميدن تي حملا ڪرڻا پيا. اهي جت ڪيڪان (قلات) واري علائقي ۾ رهندا هئا ۽ بولان لڪ تي سندن قبضو هو. بلوچستان جا جت سنڌ جي آباد ايراضين تي حملو ڪري ماڻهو قتل ڪري ڇڏيندا هئا. سنڌين جو مال، زالون ۽ ٻارَ کڻي ويندا هئا. عمران لاءِ اها ڏکي مهم هئي. عمران پهريان گنداوا واري بغاوت کي چٿيو. پوءِ اتر سنڌ ۾ ميدن خلاف جنگ ڪيائين. جتي ميدن جا ٽي هزار ماڻهو قتل ڪيائين. جتن کي حڪم ڪيائين ته هو جڏهن به ٻاهر نڪرن ته پاڻ سان ڪتو گڏ کڻن. ائين ميدن سان به اٽڪل سان وڙهيو، جو ميد لاڙ سنڌ ۾ ڪنهن ڍنڍ مان پاڻي استعمال ڪندا هئا، ان کي هڪ واهه جي ذريعي سمنڊ سان ملائي کارو ڪرائي ڇڏيائين. (ايم. ايڇ. پنهور) ‘تاريخ سنڌ- عرب دور’ موجب هن (عمران) پنهنجون لياقتون ڏيکارڻ خاطر جتن خلاف مهمون ڪيون، جنهن ۾ هن قلات جي جتن کي شڪستون ڏنيون.
عمران هڪ وڏو معمار پڻ هو. هن ‘بيضاء’ جو شهر ٻڌايو ۽ انهيءَ شهر جي وچ ۾ قلعو جوڙايو، ۽ وڏي تعداد ۾ فوج کي مقرر ڪيو. هن سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ هڪ شاهي رستو جوڙايو ۽ هڪ ڇانوڻي به جوڙايائين. اروڙ کي هن پنهنجي فوج جو مرڪز بنايو. سنڌ، بلوچستان ۽ ٿر جي جتن جي سردارن کي گهرائي انهن کان بيعت ورتائين ۽ انهن جي هٿن تي مهرون هڻائي ڇڏيائين. عمران برمڪي سنڌ جو واحد گورنر هو، جنهن برهمڻ خاندان جي دور وارن حڪمن کي ٻيهر جاري ڪري عمل ڪرايو، يعني جڏهن جت، ميد، چنا، سما، سهتا، لوهاڻا ۽ ٻين قومن (سنڌين) جا سردار، گورنر يا سندس بالا عملدار سان ملڻ وڃن ته پاڻ سان ڪتو گڏ وٺي وڃن. اهو سندس ذلالت جو هڪ اهم اهڃاڻ سمجهيو ويندو هو. هن ڪيترن ئي مقامي قبيلن تي وڏا ڏنڊ ۽ چٽيون وڌيون. اهڙين لياقتن هوندي به عمران برمڪي عربن جي ٻن قبيلن معز ۽ حمير کي ڳنڍڻ ۽ ٻڌيءَ ۾ رهڻ واري پاليسيءَ تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو. اهي قبيلا هر دور ۾ هڪ ٻئي سان لڙايون ڪندا رهندا هئا. عمران برمڪيءَ جون همدرديون حمير قبيلي وارن سان هيون. ان ڪري معز قبيلو سندس خلاف هو. حمير اصل ۾ يمني هئا ۽ تعداد ۾ به گهڻا هئا. جڏهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو ته عمران يمنين جو پاسو وٺي معزي قبيلي وارن تي سختيون ڪيون. ان وقت معزي قبيلن جو سردار بن عبدالعزيز هباري'>عمر بن عبدالعزيز هباري هو. جنهن عمران برمڪيءَ کي قتل ڪري سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. مشهور تاريخدان اليعقوبيءَ جي لکڻ موجب عمران بن موسيٰ کان پوءِ هارون بن ابي خالد سنڌ جو گورنر ٿيو ۽ هن 240هه/ 857ع ۾ وفات ڪئي ته بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هباريءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.